اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي پاڪستان پهچي ويو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب عباس عراقچي جو نور خان ايئربيس اچڻ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سندس شاندار استقبال ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ساڻس گڏ ايندڙ وفد …
ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي پاڪستان پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي پاڪستان پهچي ويو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب عباس عراقچي جو نور خان ايئربيس اچڻ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سندس شاندار استقبال ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو حصو آهي. بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ، گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي رشتن جي بنياد تي مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني وفد کي اسلام آباد اچڻ تي دلي ڀليڪار ڪري ٿي.










