عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن به ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق اڱاري ڏينهن آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.20 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 72.66 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 1.30 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 76.60 ڊالر ۾ طئي ٿيا. سون …

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن به ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق اڱاري ڏينهن آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.20 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 72.66 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 1.30 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 76.60 ڊالر ۾ طئي ٿيا. سون جي مستقبل جا سودا 75.75 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 4114 ڊالر جي اونس ۽ چاندي جي قيمت 2.93 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 63.14 ڊالر ٿي وئي، مڪئي جي قيمت 439.50 ڊالر في بشل جي سطح تي برقرار رهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمت 3.25 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 604.25 ڊالر في بشل ٿي وئي.