ڊلاس- 23 جون (اي پي پي) دفاعي چيمپئن ارجنٽائن جي ڪپتان ليونل ميسي هڪ ڀيرو ٻيهر فٽ بال جي تاريخ لکندي آسٽريا خلاف شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 2 گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ع جي ناڪ آئوٽ مرحلي (رائونڊ آف 32 ) ۾ پهچائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊلاس، اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ جي جي هن اهم ميچ ۾ ارجنٽائن شاندار راند پيش ڪندي …
ليونل ميسي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪرڻ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

مزید خبریں
ڊلاس- 23 جون (اي پي پي) دفاعي چيمپئن ارجنٽائن جي ڪپتان ليونل ميسي هڪ ڀيرو ٻيهر فٽ بال جي تاريخ لکندي آسٽريا خلاف شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 2 گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ع جي ناڪ آئوٽ مرحلي (رائونڊ آف 32 ) ۾ پهچائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊلاس، اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ جي جي هن اهم ميچ ۾ ارجنٽائن شاندار راند پيش ڪندي آسٽريا کي 2-0 تان شڪست ڏني. ميچ جي شروعات 38 سالن جي ليونل ميسي لاءِ ڪجهه مايوسي جوڳي رهي، جڏهن ته هو راند جي شروعات ۾ ئي هڪ پنالٽي ضايع ڪري ويٺو ۽ گول ڪرڻ جا ڪجهه آسان موقعا وڃائي ڇڏيا، جنهن سان دفاعي چيمپئن کي روڪڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آسٽريا جي ٽيم کي ڪجهه حوصلو مليو، پر ارجنٽائن ميچ تي پنهنجي گرفت مضبوط رکي ۽ 38 هين منٽ ۾ فاڪنڊومدينا جي پاس تي ڪپتان ليونل ميسي پنهنجي روايتي انداز ۾ خوبصورت گول ڪري ٽيم کي آسٽريا خلاف 1-0 گول جي سرسي ڏياري. اهو ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ليونل ميسي جو 17 هون گول هو، جنهن سان گڏ ئي هن جرمني جي مائيڪل ڪلوز جو 16 گولز جو پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر جو اعزاز پنهنجي ناي ڪري ورتو. ميچ جي ٻئي هاف ۾ به دفاعي چيمپئن ارجنٽائن جي سرسي برقرار رهي ۽ راند جي آخري وقت ۾ اسٽاپج ٽائيم ۾ ليونل ميسي جولين الواريزجي ڪوششن تي آسٽريا جي گول ڪيپر کان بال واپس اچڻ تي ڦُڙتي جو مظاهرو ڪندي پنهنجو ٻيون ۽ ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو مجموعي طورتي 18 هون گول ڪري ٽيم فتح ڏياري. ان ڪاميابي بعد ارجنٽائن گروپ ۾ مسلسل ٻين ڪاميابي حاصل ڪري ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.











