برمنگهم- 23 جون (اي پي پي) وورسٽر سان تعلق رکندڙ هاءِ جمپر جوئل ڪلارڪ خان برمنگهم ۾ برطانوي ٽائيٽل کٽڻ کي پنهنجي ڪيريئر جو بهترين لمحو قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 26 سالن جي ايٿليٽ جوئل ڪلارڪ خان اليگزينڊر اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل رائونڊ جي پڄاڻي تي آخر ۾ هو پر هن مقابلي جي آخري جمپ ۾ 2.27 ميٽرن کي پنهنجي بهترين رڪارڊ برابر ڪندي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. …
برطانوي ٽائيٽل کٽڻ منهنجي ڪيريئر جو بهترين لمحو آهي: جوئل ڪلارڪ خان

مزید خبریں
برمنگهم- 23 جون (اي پي پي) وورسٽر سان تعلق رکندڙ هاءِ جمپر جوئل ڪلارڪ خان برمنگهم ۾ برطانوي ٽائيٽل کٽڻ کي پنهنجي ڪيريئر جو بهترين لمحو قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 26 سالن جي ايٿليٽ جوئل ڪلارڪ خان اليگزينڊر اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل رائونڊ جي پڄاڻي تي آخر ۾ هو پر هن مقابلي جي آخري جمپ ۾ 2.27 ميٽرن کي پنهنجي بهترين رڪارڊ برابر ڪندي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. هي سندس ڪيريئر جو چوٿون آئوٽ ڊور ٽائيٽل آهي، 18 مهينن تائين انجري جو شڪار رهڻ کان پوءِ 2023ع کان پوءِ هي سندس پهرين وڏي ڪاميابي آهي. هو 2020ع کان 2023ع وچ ۾ 3 برطانوي ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ آڱوٺي جي تڪليف جو شڪار ٿي ويو هو، جڏهن ته فيبروري ۾ نيشنل انڊور ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ هاڻي هن پنهنجي بهترين فارم ٻيهر حاصل ڪري ورتي آهي.











