فيفا ورلڊ ڪپ: اسپين سعودي عرب کي 4-0 تان هارائي ڇڏيو

نيويارڪ- 22 جون (اي پي پي) فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ ايڇ جي اهم ميچ ۾ اسپين سعودي عرب کي 4-0 تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته ڪوچ لوئس ڊي لافوئنٽي ۽ اسٽرائيڪر ميڪل اوريارزابال ٽيم جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين طرفان ميڪل اويرزبال 2 جڏهن ته لامين يامال ۽ حسن امبقتي هڪ ، هڪ گول …

نيويارڪ- 22 جون (اي پي پي) فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ ايڇ جي اهم ميچ ۾ اسپين سعودي عرب کي 4-0 تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته ڪوچ لوئس ڊي لافوئنٽي ۽ اسٽرائيڪر ميڪل اوريارزابال ٽيم جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين طرفان ميڪل اويرزبال 2 جڏهن ته لامين يامال ۽ حسن امبقتي هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مرسڊيز بينر اسٽيڊيم، اٽلانٽا ۾ کيڏيل گروپ ايڇ جي ميچ ۾ اسپين طرفان لمين يامال شروعاتي گول 10 هين منٽ تي اسڪور ڪيو، جڏهن ته ميڪل اويارزابال 21 ۽ 24 منٽ تي هڪ کانپوءِ ٻيا 2 گول ڪري ٽيم کي سعودي عرب خلاف پهرين هاف ۾ ئي 3-0 جي مضبوط سرسي ڏياري، ٻئي هاف ۾ مارڪ ڪوڪويلا جي شاٽ سعودي مدافع حسن امبلتي سان ٽڪرائجي ڄار ۾ وڃي پهتي، جنهن سان اسپين جي سرسي 0-4 ٿي وئي. ميچ بعد ڪوچ لوئس ڊي لافوئنٽي چيو ته سندس ٽيم پهرين هاف ۾ غير معمولي جڏهن ته ٻين هاف ۾ به شاندار راند پيش ڪئي. هن چيو ته رانديگرن وڌيڪ جارحاڻي ۽ تيز رفتار راند جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو نتيجو بهتر ۽ گولن جي صورت ۾ سامهون آيو. ڪوچ لامين يا مال ۽ ميڪل ايارزابال جي تعريف ڪندي چيو ته ٻئي رانديگر بهترين فارم ۾ آهن ۽ ٽيم لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي اويارزابال چيو ته ٽيم شروعاتي ميچ ۾ ڪيپ ورڊي خلاف 0-0 جي مايوسي جوڳي نتيجي بعد شاندار انداز ۾ واپسي تي خوش آهي. هن واضع ڪيو ته کيس ڪو سنگين جسماني مسئلو ناهي ۽ کيس صرف ٻين رانديگرن کي موقعو ڏيڻ لاءِ وقفي بعد ميدان کان ٻاهر گهرايو ويو. ان ڪاميابي بعد اسپين گروپ ايڇ ۾ 4 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته آخري گروپ ميچ ۾ ان جو مقابلو يوراگوئي سان 26 جون تي ٿيندو.