اسلام آباد - 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان 23 جون 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. ڊاڪٽر پزشڪيان سان گڏ هڪ اعلى سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ وزير ۽ ٻيا سينيئر عملدار شامل هوندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران ايراني صدر پزشڪيان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو ۽ …
وزيراعظم جي دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان 23 جون تي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي پهچندو
اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان 23 جون 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. ڊاڪٽر پزشڪيان سان گڏ هڪ اعلى سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ وزير ۽ ٻيا سينيئر عملدار شامل هوندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران ايراني صدر پزشڪيان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو. سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پڻ ايراني صدر سان ملاقات ڪندا. ايران جي صدر جي حيثيت سان ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جو هي پاڪستان جو ٻيو دورو هوندو. ان دوري دوران ٻئي ملڪ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا ۽ واپار، توانائي، سرحدي سلامتي، عوامي رابطن ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ نئين راهن جو جائزو وٺندا. هي دورو اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کانپوءِ جاري سفارتي رابطن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو پڻ اهم موقعو فراهم ڪندو. هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهشن کي اجاگر ڪري ٿو.










