ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اتر اوڀر پنجاب ۽ وچولي/ ڏکڻ پنجاب ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، …

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اتر اوڀر پنجاب ۽ وچولي/ ڏکڻ پنجاب ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات پئي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد سبي ۾ 45، دالبندين، شهيد بينظير آباد، نوڪنڊي ۽ دادو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.