اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 278 رپيا 22 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 11 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو …
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 278 رپيا 22 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 11 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 737 رپيا 97 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 722 رپيا 68 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو اگهه 904 رپيا 34 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 30 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 279 رپيا ۽ وڪرو 279 رپيا 25 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.











