سمنڊ ۾ ڦاٿل 8 ايراني مُهاڻا خير عافيت سان ڪراچي کان وطن واپس روانا

اسلام آباد - 22 جون (اي پي پي) برطانوي جهاز “ايم ايم اي ويلر” جي ذريعي سمنڊ ۾ بچايل 8 ايراني مُهاڻا جن جي ٻيڙي ڦاسي وئي هئي انهن کي خير عافيت سان وطن واپس موڪليو ويو آهي. اها ڳالهه نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌائي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته کيس اهو ٻڌائيندي …

اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) برطانوي جهاز “ايم ايم اي ويلر” جي ذريعي سمنڊ ۾ بچايل 8 ايراني مُهاڻا جن جي ٻيڙي ڦاسي وئي هئي انهن کي خير عافيت سان وطن واپس موڪليو ويو آهي. اها ڳالهه نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌائي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته کيس اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته ايراني مُهاڻا سومر ڏينهن ڪراچي کان ايران جي لاءِ روانا ٿي ويا آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن ايراني ڀائرن جي محفوظ منتقلي ۽ انهن جي جلد وطن واپسي کي ممڪن بڻائڻ ۾ ايراني ۽ برطانوي عملدارن سان ويجهو تعاون ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي شهرين جي معاملي کي سنڀالڻ جي لاءِ ايران ۽ عباس عراقچي پاران پاڪستان تي ڪئي ويندڙ اعتماد کي ساراهيون ٿا ۽ انهن جي محفوظ واپسي کي ممڪن بڻائڻ ۾ سمورن حصيدارن جي تعاون جا ٿورا ادا ڪريون ٿا.