اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت فوجداري قانونن بابت 100 ترميمن تي ٻڌل هڪ بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو هن وقت اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ غور هيٺ آهي، ان تي ڪي پي ڪي حڪومت جي راءِ به طلب ڪئي وئي هئي پر اڃان تائين ان جو جواب ناهي مليو، مخالف ڌر کي قانونسازي …
فوجداري قانون بابت 100 ترميمن تي مشتمل بل اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ غور هيٺ آهي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت فوجداري قانونن بابت 100 ترميمن تي ٻڌل هڪ بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو هن وقت اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ غور هيٺ آهي، ان تي ڪي پي ڪي حڪومت جي راءِ به طلب ڪئي وئي هئي پر اڃان تائين ان جو جواب ناهي مليو، مخالف ڌر کي قانونسازي جي عمل ۾ فني ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ميمبر گوهر علي خان طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اعليٰ عدليه بابت نمائندگي ۽ طريقيڪار کي بهتر بنائڻ لاءِ رولز ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن، جن تحت هاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ اسيمبلي ميمبرن کي به نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جو ڪردار آئيني ۽ انتظامي نوعيت جو آهي ان جو ڪنهن سياسي عمل سان تعلق ناهي. هن چيو ته صرف تقريرن سان قانون جي حڪمراني، پارليامان جي بالادستي يا ٻيا مسئلا حل نه ٿيندا پر قانونسازي جي عمل ۾ فني ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن واضح ڪيو ته عدالتي عمل ۾ حڪومتن جو عمل دخل ناهي هوندو، عدالت طرفان ٻڌايل سزائن ۾ به حڪومت جو ڪو ڪردار ناهي هوندو، جيڪڏهن ڪنهن فيصلي تي اعتراض هجي ته اپيل ذريعي رجوع ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ضابطه فوجداري ۾ اٽڪل 100 جي لڳ ڀڳ ترميمون آنديون ويون آهن ۽ اهو بل قومي ۾ پيش ڪيو جڏهن ته اهو هاڻي اسٽنڊنگ ڪميٽي ۾ آهي، اسان اپوزيشن کي گذارش ڪيون ٿا ته هو اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ واپس اچي ۽ اتي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صرف قانون جي حڪمراني جا سبق پڙهائڻ سان اهي معاملا حل نه ٿيندا، ان لاءِ ڪجهه فني شيون ڪرڻيون پونديون، ان ۾ اپوزيشن به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اسان انهن ترميمن تي ڪي پي ڪي حڪومت کان راءِ گهُري هئي جڏهن ته اڃان تائين اتان ڪو جواب ناهي آيو، اهي مڪمل طور تي غير سياسي ترميمون آهن.











