اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 7 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ 9.898 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ …
مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ 7 سيڪڙو اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 7 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ 9.898 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 9.214 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مئي 2026 ع ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار تي 948 ملين ڊالر جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو اپريل جي 1.083 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال مئي ۾ 965 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽ آهي. واضع رهي ته مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ پاڪستان جو مجموعي آمدني واپاري بل 62.85 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدت جو 59.14 ارب ڊالر جي مقابلي ۾ 6.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي.











