تربت- 22 جون (اي پي پي) فتنه الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن جي سهولتڪار ساجد احمد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. تفصيل مطابق دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪالعدم تنظيمن بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جي سهولتڪار ساجد احمد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سيڪيورٽي فورسز پنجگوڙ ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگرد سهولتڪار ساجد احمد کي هٿيارن ۽ بارود سميت گرفتار ڪيو هو، ساجد احمد فتنه …
فتنه الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن جي سهولتڪار ساجد احمد کي 14 سال قيد جي سزا
تربت- 22 جون (اي پي پي) فتنه الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن جي سهولتڪار ساجد احمد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. تفصيل مطابق دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪالعدم تنظيمن بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جي سهولتڪار ساجد احمد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سيڪيورٽي فورسز پنجگوڙ ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگرد سهولتڪار ساجد احمد کي هٿيارن ۽ بارود سميت گرفتار ڪيو هو، ساجد احمد فتنه الهندستان جي پراڪسي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ذريعي شاگردن کي ڪالعدم تنظيمن ۾ ڀرتي ڪرڻ ۽ اُڪسائڻ ۾ ملوث هو، ساجد احمد جا ڀارتي اسپانسرڊ نيٽ ورڪس سان رابطا به سامهون آيا، آپگهاتي حملي لاءِ گاڏي تيار ڪرڻ جو به ٽاسڪ ڏنو ويو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت تربت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 14 سال قيد ۽ بلوچستان آرمز ايڪٽ تحت وڌيڪ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي، عدالتي فيصلي ڀارتي پراڪسي بي واءِ سي ۽ ڪالعدم هٿياربند تنظيمن جي ڳٺ جوڙ بابت نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن.












