لاهور- 22 جون (اي پي پي) ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ مهاراجه رنجيت سنگهه جي ورسي جي تقريبن ۾ شريڪ ڀارتي سک ياترين ننڪانه صاحب ۾ ياترا ڪئي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪيون. گورودواره جنم اسٿان آمد تي ڊپٽي سيڪريٽري شرائنز فراز عباس ياترين جي آجيان ڪئي. ترجمان مطابق ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان رهائش، لنگر ۽ طبي سهولتن جا خاص انتظام …
مهاراجه رنجيت سنگهه جي ورسيءَ جون تقريبون، ڀارتي سک ياترين ننڪانه صاحب ۾ ياترا ۽ مذهبي رسمون ادا ڪيون
لاهور- 22 جون (اي پي پي) ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ مهاراجه رنجيت سنگهه جي ورسي جي تقريبن ۾ شريڪ ڀارتي سک ياترين ننڪانه صاحب ۾ ياترا ڪئي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪيون. گورودواره جنم اسٿان آمد تي ڊپٽي سيڪريٽري شرائنز فراز عباس ياترين جي آجيان ڪئي. ترجمان مطابق ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان رهائش، لنگر ۽ طبي سهولتن جا خاص انتظام ڪيا ويا، گورودواره جنم اسٿان ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي جڏهن ته ضلعي انتظاميا به متحرڪ رهي. ترجمان مطابق ڀارتي سک ياترين بابا گورو نانڪ ديوجي جي جنم اسٿان تي حاضري ڀري ۽ مذهبي رسمون ادا ڪيون. ترجمان مطابق سک ياتري 23 جون تي ڀوڳ اکنڊ پاٺ صاحب جي رسمن ۾ شرڪت ڪندا. ننڪانه صاحب کانپوءِ ياتري گورودواره سچا سودا فاروق آباد جو دورو ڪندا. ان کانپوءِ قافلو گورودواره پنجه صاحب حسن ابدال روانو ٿيندو. ايڊشنل سيڪريٽري شرائنز ناصر مشتاق چيو آهي ته پاڪستان سک ياترين کي محفوظ، پر امن ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان بين المذاهن هم آهنگي جي فروغ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين قمر الزمان جي هدايت تي سک ياترين لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ياترين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.












