اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي قيادت کي تعميري رابطن جي تسلسل ۽ ڳالهين واري عمل جي عزم تي خراج تحسين پيش ڪندي دوست ملڪن جو ٿورو ادا ڪيو آهي جنهن تاريخي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ڳالهيون ٿيُون ۽ اڳڀرائي سامهُون آئي. وزيراعظم سومر ڏينهن "ايڪس" تي …
وزيراعظم پاران آمريڪا ۽ ايران جي قيادت کي تعميري رابطن جي تسلسل ۽ ڳالهين واري عمل جي عزم تي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي قيادت کي تعميري رابطن جي تسلسل ۽ ڳالهين واري عمل جي عزم تي خراج تحسين پيش ڪندي دوست ملڪن جو ٿورو ادا ڪيو آهي جنهن تاريخي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ڳالهيون ٿيُون ۽ اڳڀرائي سامهُون آئي. وزيراعظم سومر ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الحمدالله، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي فريم ورڪ تحت پهرين اعليٰ سطحي ڪميٽي جو اجلاس سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ڪاميابي سان پُڄاڻي تي پهتو. هن چيو ته ڳالهيون مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ منعقد ٿيون ۽ حوصلي جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق، سياسي نگراني فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جو قيام ۽ وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڳالهيون شروع ڪرڻ جو فيصلو شامل آهي. هن چيو ته هو آمريڪا ۽ ايران ٻنهي جي قيادت کي انهن جي مسلسل تعميري رابطن جي تسلسل ۽ ڳالهين واري عمل سان وابستگي تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، ۽ سڀني ڀائر ۽ دوست ملڪن جا ٿورا ادا ڪري ٿو جن هن تاريخي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ قيمتي تعاون فراهم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾، هو خاص طور تي ڀائر ملڪ قطر جا ٿورا ادا ڪري ٿو، جنهن انهن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سوئس حڪومت جا به ٿورا ادا ڪيا جنهن انهن ڳالهين جي ميزباني ۽ سهولت فراهم ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو فيلڊ مارشل عاصم منير کي خصوصي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جن جي اڻٿڪ ڪوششن انهن ڳالهين کي ڪامياب بڻايو. سندس محنت، عزم ۽ ثابت قدمي ساراهه جوڳي آهي ۽ سندس ڪوششن کانسواءِ اها اڳڀرائي ممڪن نه هُئي. وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي آفيس جي ٽيم کي سندن سفارتي ڪوششن تي دلي مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪيو. هن گهرو وزير محسن نقوي جي محنت ۽ ڪردار کي به ساراهيو جنهن انهن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ نمايان حصو وڌو. وزيراعظم پنهنجي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان پائيدار امن ۽ ڊگهي مُدي وارو حل حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي فروغ ۾ پنهنجو ايمانداراڻو ۽ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو.












