اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس منيب اختر سومر ڏينهن پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي عُهدي جو حلف کنيو. سپريم ڪورٽ جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب، حلف برداري جي سادي پر باوقار تقريب سپريم ڪورٽ برانچ رجسٽري ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جٿي جسٽس محمد شفيع صديقي جسٽس منيب اختر کي وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان …
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس جي عُهدي جو حلف کڻي ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس منيب اختر سومر ڏينهن پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي عُهدي جو حلف کنيو. سپريم ڪورٽ جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب، حلف برداري جي سادي پر باوقار تقريب سپريم ڪورٽ برانچ رجسٽري ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جٿي جسٽس محمد شفيع صديقي جسٽس منيب اختر کي وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس منيب اختر چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي جي پرڏيهه ۾ موجودگي دوران وقتي چيف جسٽس جا فرض سرانجام ڏيندو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي معزز ججن شرڪت ڪئي. رجسٽرار سپريم ڪورٽ حلف برداري جي تقريب جي ڪارروائي هلائي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي آفيسرن ۽ عملي جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو.










