اسلام آباد - 21 جون (اي پي پي) مصر جي گادي واري هنڌ ۾ آر -4 پرڏيهي وزيرن جوا جلاس محدود سيٽن سان شروع ٿيو جنهن ۾ پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران علائقائي صورتحال، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد ۽ گڏيل تعاون جي ترجيحي شعبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران پرڏيهي وزير گڏيل …
قاهره ۾ آر-4 پرڏيهي وزيرن جو اجلاس محدود سيٽن سان شروع، علائقائي صورتحال، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد ۽ گڏيل تعاون جي ترجيحي شعبن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) مصر جي گادي واري هنڌ ۾ آر -4 پرڏيهي وزيرن جوا جلاس محدود سيٽن سان شروع ٿيو جنهن ۾ پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران علائقائي صورتحال، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد ۽ گڏيل تعاون جي ترجيحي شعبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران پرڏيهي وزير گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون، سفارتڪاري ۽ علائقائي قيادت جي اصولن تي بڌل پنهنجي وابستگي کي ورجايو. پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر هڪ وڌيڪ پرامن، مستحڪم ۽ مربوط خطي جي قيام لاءِ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهن.










