اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيلي ڪميونيڪيشن ري آرگنائيزيشن (ترميمي) بل جي شقن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪميٽي جي سربراهي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ڪندو، جڏهن ته سينيٽر شيري رحمان، آئي ٽي جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد …
وزيراعظم پاران ٽيلي ڪميونيڪيشن ري آرگنائيزيشن (ترميمي) بل جي شقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيلي ڪميونيڪيشن ري آرگنائيزيشن (ترميمي) بل جي شقن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪميٽي جي سربراهي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ڪندو، جڏهن ته سينيٽر شيري رحمان، آئي ٽي جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ قانون ۽ آئي ٽي شعبي جا ماهر ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل آهن. اها ڪميٽي بل جي ڪجهه شقن جي حوالي سان خدشا سامهُون اچڻ کانپوءِ ٺاهي وئي آهي، جيڪا ٽيلي ڪميونيڪيشن ري آرگنائيزيشن ترميمي بل جي سيڪشن 2(qb))،(2(ma، سيڪشن A27 ۽ B27 ۾ رائٽ آف وي فريم ورڪ تي نظرثاني ڪندي. ڪميٽي ٽيلي ڪميونيڪيشن تنصيبات لڳائڻ ۽ نجي ملڪيتي زمين ۽ مجموعي طور تي هائوسنگ سوسائٽين جي حوالي سان رائٽ آف وي جي نظرثاني ڪري ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڪميٽي کي بل تي جلد نظرثاني ڪري ۽ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










