وزيراعظم شهباز شريف  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏ سوئٽزر لينڊ روانو

اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منيرسان گڏ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي حوالي سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اعلي سطحي ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ برگن اسٽاڪ، سوئٽزر لينڊ روانا ٿي ويا آهن. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ان ڳالهين ۾ اسلامي جمهوريه ايران، قطر ۽ …

اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منيرسان گڏ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي حوالي سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اعلي سطحي ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ برگن اسٽاڪ، سوئٽزر لينڊ روانا ٿي ويا آهن. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ان ڳالهين ۾ اسلامي جمهوريه ايران، قطر ۽ آمريڪا جا اعلي سطحي وفد شريڪ ٿيندا. اهي ڳالهيون 17 جون 2026ع تي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کانپوءِ پهريون باضابطه رابطو آهن. پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتن جي لاڳو ۽ اڳڀرائي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. ڳالهين جي موقعي تي وزيراعظم جي ايران، قطر، سوئٽزر لينڊ ۽ آمريڪا جي وفدن سان ٻطرفي ملاقاتن جي به توقع آهي، جنهن ۾ پاڪستان ڳالهين علائقائي استحڪام ۽ ديرپا امن لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويندو. ان بحران دوران پاڪستان جي سهولتڪار ڪردار، ان جي اصولي، متوازن ۽ تعميري طرز عمل کي اجاگر ڪيو آهي. ان ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شروعاتي ڳالهين جي ميزباني ۽ مسلسل سفارتي رابطا شامل آهن، جيڪي آخر اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي صورت ۾ سامهون آيو.

مزید خبریں