قومي اسيمبلي اجلاس ۾ مختلف وزارتن جي ناڻي مطالبن  تي مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جون رٿون پيش

اسلام آباد - 21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث دوران ناڻي، گهرو وزارتن سميت 7 مختلف وزارتن جي ناڻي بابت مطالبن تي مخالف ڌر طرفان ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون ويون. جڏهن ته سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، بچاءَ، صحت، تعليم، قانون ۽ انصاف سميت 25 وزارتن تي مخالف ڌر طرفان ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون ويون. …

اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث دوران ناڻي، گهرو وزارتن سميت 7 مختلف وزارتن جي ناڻي بابت مطالبن تي مخالف ڌر طرفان ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون ويون. جڏهن ته سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، بچاءَ، صحت، تعليم، قانون ۽ انصاف سميت 25 وزارتن تي مخالف ڌر طرفان ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون ويون. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث کان پوءِ ٻي مرحلي ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي منظور ٿيل خرچن جي حوالي سان ناڻي بابت مطالبن جي منظوري جو عمل شروع ٿيو. مخالف ڌر طرفان ناڻي واري وزارت، گهرو وزارت، قومي تحفظ ۽ خوراڪ واري وزارت، بجلي واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت ۽ ڪابينه ڊويزن تي ڪٽوتي جون رٿون جمع ڪرايون ويون، جڏهن ته پرڏيهي وزارت، بچاءُ، سڌ سماءُ، دفاعي پيداوار، اقتصادي معاملن، مواصلات، مذهبي معاملن، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت، هائوسنگ اينڊ ورڪس، انساني حقن، صنعتن ۽پيداوار، بين الصوبائي رابطن، ڪشمير، گلگت بلتستان  رياستون ۽ سرحدي علائقا، قانون ۽ انصاف، سامونڊي معاملن، پارلياماني معاملن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ترقي انساني وسيلن، رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، نجڪاري، ريلويز، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، آبي وسيلن، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، موسمياتي تبديلي جي وزارتن تي مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جون رٿون پيش نه ڪيون ويون.

مزید خبریں