سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران مري ايڪسپريس حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي گهر آمد، وارثن سان تعزيت جو اظهار

ملتان - 21 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مري ايڪسپريس جي المناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪندي کين هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني مري ايڪسپريس جي المناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ۽ حادثي تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حادثي ۾ …

ملتان – 21 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مري ايڪسپريس جي المناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪندي کين هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني مري ايڪسپريس جي المناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ۽ حادثي تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حادثي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا فوت ٿيا جيڪو هڪ انتهائي افسوسناڪ ۽ دلي ڏاريندڙ واقعو هو جنهن تي وارثن سميت پورو ملتان ڏکويل آهي. ان تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، قيمتي انساني حياتين جو نقصان پورو نٿو ڪري سگهجي. وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي پٽن پاران خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته محرم الحرام جي جلوسن جي مصروفيتن سبب هو گذريل ڏينهن تعزيت لاءِ نه اچي سگهيو هو پر هن فوري طور تي پنهنجي پٽ ۽ ايم اين اي علي قاسم گيلاني کي متاثر ڪٽنبن وٽ موڪليو ته جيئن سندن غم ۾ شريڪ ٿي همدردي جو  پيغام پهچائي سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿي ويلن کي جنت الفردوس م اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.  سينيٽ چيئرمين چيو ته پنجاب حڪومت کي درخواست آهي ته هو متاثر ڪٽنبن جي هر ممڪن مالي، قانوني ۽ انتظامي مدد يقيني بڻائي.

مزید خبریں