معاشي ۽ اقتصادي بحالي لاءِ قومي اتفاق راءِ اهميت رکي ٿي، معاشي انگ اکر ۽ اهڃاڻ مروجه طريقيڪار  ۽ عالمي معيار موجب مرتب ڪيا ويا: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد - 20 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته معاشي ۽ اقتصادي بحالي لاءِ قومي اتفاق راءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، معاشي انگ اکر ۽ اهڃاڻ مروجه طريقيڪار  ۽ عالمي معيار موجب مرتب ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، زراعت، صنعت ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ جامع قدم کنيا ويا آهن، حڪومت متوازن، ترقي دوست …

اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته معاشي ۽ اقتصادي بحالي لاءِ قومي اتفاق راءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، معاشي انگ اکر ۽ اهڃاڻ مروجه طريقيڪار  ۽ عالمي معيار موجب مرتب ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، زراعت، صنعت ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ جامع قدم کنيا ويا آهن، حڪومت متوازن، ترقي دوست ۽ معيشت کي استحڪام ڏيارڻ واري بجيٽ ڏني آهي، عوام کي رليف جي فراهمي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس  ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۽ مالياتي بل 27-2026ع تي عام بحث کي اڪلائيندي ناڻي واري وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي معزز ميمبرن عظيم الدين زاهد ۽ خواجه شيراز محمود بجيٽ دستاويزن ۾ مبينه تضادن جي حوالي سان استحقاق جي رٿ پيش ڪئي، مان معزز ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو  ته هنن اهو معاملو ايوان سامون اٿاريو. ميمبرن پاران جي ڊي پي، فيڪس آمدني ۽ ان جي تعين جي طريقيڪار تي سوال اٿاريا. مان پوري ذميواري سان ايوان کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاسڪتان بيورو آف شماريات نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي جي تياري جي طريقيڪار ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي. سمورا انگ اکر مالي سال 16-2025ع کي بيس ايئر بڻائي، گڏيل قومن جي سسٽم آف نيشنل اڪائونٽس موجب مرتب ڪيا ويا آهن، اهي انگ اکر نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ منظور ڪيا ويندا آهن جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، معيشت جا ماهر، يونيورسٽين ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيندا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته حقيقي جي ڊي پي معاشي سرگرمين ۾ ٿيندڙ حقيقي تبديلي کي اگهن جي اثرن کان پاڪ ڪري ماپ ڪندي آهي، ان لاءِ 3.7 سيڪڙو اوسر واري شرح 16-2015ع جي مستقل اگهن تي شمار ڪيو ويو آهي، جيڪو عالمي سطح تي مڃيل معيار آهي. ٻئي پاسي نامينل جي ڊي پي گروٿ موجوده مارڪيٽ جي قيمتن تي شمار ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي سراسري مٽاسٽا جي شرح ذريعي آمريڪي ڊالر ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. ان ئي بنياد تي مالي سال 26-2025ع ۾ پاڪستان جي معيشت جو  ڪاٿو اٽڪل 452  ارب آمريڪي ڊالر رهڻ جو ڪاٿو پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح في ڪس آمدني جو تعين  به موجوده اگهن، مجموعي قومي آمدني ۽ 2023ع جي آدمشماري کان پوءِ جاري ڪيل آبادي جي ڪاٿن جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي، البته  واضح ڪيو ويندو آهي ته نه ته طريقيڪار تبديل ٿيو آهي ۽ نه ئي انگ اکر مرتب ڪرڻ جا اصول بدليا آهن. جيڪڏهن ڪو به ميمبر وڌيڪ تفصيل چاهي ته اسان سمورا لاڳاپيل دستاويز ۽ حوالا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي، خطي تي لٽڪندڙ جنگ جا بادل هٽي چڪا آهن ۽ امن جي فضا ٻيهر قائم ٿي آهي.  پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اثرائتي سفارتي ڪردار ادا ڪندي ڳالهين جي راهه هموار ڪئي، ٻنهي ملڪن کي هڪ ميز تي ويهاريو ۽ امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اهو پاڪستان جي سفارتي تاريخ جو هڪ فخر جوڳو باب آهي جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، سموريون سياسي پارٽيون، پارليامينٽ ۽ پوري قوم مبارڪن جي مستحق آهي.  ناڻي واري وزير بجيٽ تي ٿيندڙ بحث ۾ ڀرپور ۽ تعميري انداز ۾ حصو وٺڻ تي سمورن ميمبرن جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته هو خاص ڪري مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، سينيٽ جي ناڻي ۽ محصون واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊي والا، قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ محصول واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سيد نويد قمر ۽ ٻنهي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرن جو خاص طور شڪرگذار آهي جن گذريل ٻن هفتن دوران نهايت محنت، خلوص ۽ ذميواري سان بجيٽ تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ڪيتريون ئي مفيد سفارشون پيش ڪيون. جن مان ڪيترين ئي تجويزن کي فنانس بل 2026ع جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير ميڊيا جي نمائندن، معاشي تجزيڪارن، معيشت جي ماهرن، ڪاروباري برادري ۽ مختلف چيمبرز آف ڪامرس جو به شڪريو ادا ڪيو جن بجيٽ تي هاڪاري ۽ تعميري رائيون ڏنيون.  ناڻي واري وزير چيو ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ قائم اتحادي حڪومت ۾  شامل سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن، خاص ڪري ميان محمد نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري،  خالد مقبول صديقي، چوڌري شجاعت حسين، عبدالعليم خان ۽ خالد حسين مگسي جو دلي طور شڪرگذار آهي. جن بجيٽ جي تياري دوران سندن رهنمائي ۽ مشاورت ڪئي، اها مشاورت اسان لاءِ نهايت اهم ۽ فائديمند ثابت ٿي. ناڻي واري وزير چيو گه گذريل ٻن هفتن دوران بجيٽ تي ٿيل بحث ۾ پارليامينٽ جي مبمرن جي قيمتي راءِ ٻڌڻ جو موقعو مليو. ڪجهه بجيٽ قدمن تي خدشا ۽ تجويزون به سامهون آيون جن کي حڪومت پوري سنجيدگي سان ٻڌو ۽ انهن تي غور ڪيو. جڏهن ته ايوان جي اندران ۽ ٻاهران مجموعي طور تي جيڪي راءِ سامهون آيون آهن، اهي هي آهن جن ۾  چيو ويو آهي ته اها هڪ متوازن، ترقي دوست، ۽ معيشت کي استحڪام ڏيندڙ بجيٽ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت گذريل بجيٽ ۾ ئي پنهنجي معاشي رخ ۽ سڌارن واري ايجنڊا واضح ڪري ڇڏي هئي. گذريل هڪ سال دوران اسان ان ئي رخ ۾ مسلسل اڳڀرائي ڪئي ۽ معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، اڄ اسان جي معيشت استحڪام  ڏانهن گامزن آهي. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ اٽڪل 6.5  سيڪڙو جي اوسر  رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين شرح آهي. اهڙي طرح اسان جا پرڏيهي شعبا  به مستحڪم ٿيا آهن. گذريل مالي سال وانگر هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران  پڻ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رهيو جيڪو معيشت لاءِ هڪ انتهائي حوصلو ڏيندڙ اشارو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي سمنڊ پار رهندڙ پاڪستاني برادري  پڻ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي وطن دوستي جو ڀرپور ثبوت ڏنو آهي. گذريل مهيني هن 4.25  ارب آمريڪي ڊالر جي رڪارڊ پورهيتن ڏيهه ناڻو موڪليو  مون کي پوري اميد آهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين پورهيتن پاران ڏيهه موڪليل ناڻو 41 ارب آمريڪي ڊالرن جي هدف کان پڻ وڌي ويندو، جيڪو ملڪي تاريخ جو هڪ نئون رڪارڊ هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي روانگي واپار وارو شعبو مسلسل بهتري ڏانهن گامزن آهي، خاص ڪري ويليو ايڊڊ روانگي واپار، جنهن ۾ گارمينٽس، هوم ٽيڪسٽائيل ۽ آءِ ٽي جو شعبو  شامل آهي، نمايان ترقي ڪري رهيا آهن.  هلندڙ مالي سال دوران آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اتڪل 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته مجموعي آءِ ٽي روانگي واپار 4.5  ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌڻ جي اميد آهي. جيڪو انشاالله هڪ نئون قومي رڪارڊ هوندو. اهڙي طرح اسان جا نوجوان فري لانسرز  به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 1.6  ارب ڊالر جو رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.  ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ۽ هن بجيٽ جو بنيادي مقصد هڪ اهڙي روانگي واپار تي ٻڌل  پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي رکندڙ آهي جنهن سان پيداواري صلاحيت ۾  اضافو ٿيو، سيڙپڪاري کي هٿي ملي ۽ ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن. اسان اڪثر اها شڪايت ٻڌندا رهيا آهيون ته پاڪستان ۾ دستاويزي معيشت ۽ باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙ ماڻهو ئي وڌيڪ بار برداشت ڪندا آهن. هن حڪومت ان سوچ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان بار وجهڻ بدران ٽيڪس جي وسعت ۽ گهرائي جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ان تحت موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪيو ويندو ۽ ان جي بنياد کي مضبوط بڻايو ويندو، ان تبديلي جي شروعات اسان گذريل بجيٽ سان ڪئي هئي ۽ هن سال ان عمل کي وڌيڪ اڳيان وڌائيندي ڪيترائي ٺوس قدم کنيا آهن. شفافيت ۽ انصاف ۽ برابري جي اصولن کي نظر ۾ رکندي پگهاردار طبقي، ننڍن ڪاروبارن، صنعتن، روانگي واپار جي شعبي ۽ تعميراتي شعبي تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪيو آهي. اهڙي طرح روانگي واپار جي شعبي ۽ زرعي شعبي لاءِ رعايتي قرضن جي فراهمي کي  يقيني بڻايو ويو آهي.  جڏهن ته ٽيڪس نيٽ کي وسعت ڏيڻ لاءِ ريٽيل سيڪٽر کي ڊجيٽل نظام ذريعي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ٽيڪس قانون تي عمل ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جامع سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته  حڪومت گذريل ٻن سالن کان ٽيڪس نظام ۾ بنيادي سڌارن تي مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. انهن سڌارن جي نتيجي ۾ ٽيڪس پاليسي کي ٽيڪس انتظاميه  کان الڳ ڪيو ويو، ته جيئن پاليسي سازي ۽ ان جي لاڳو ۾ شفافيت ۽ موثريت پيدا ٿئي، اهڙي تسلسل  ۾ حڪومت هڪ نئون ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل متعارف ڪرائي رهي آهي.   جنهن تحت ٽيڪس ڏيندڙن ۽ ٽيڪس آفيسرن وچ ۾ سڌي ريت رابطو کي گهٽ کان گهٽ ڪيو ويندو. آڊٽ، سڃاڻپ ۽ ٻيون ڪارروائيون وڌ کان وڌ خودڪار ۽ فيس ليس نظام ذريعي انجام  ڏنيون وينديون، انهن سڌارن جو بنيادي مقصد مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل رجسٽريشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي صوابديدي اختيارن جو خاتمو، هراسان ڪرڻ جي امڪانن ۾ گهٽتائي، شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيڪس قانونن تي رضاڪاراڻي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته  بجيٽ تي بحث دوران ڪجهه ميمبرن ايف بي آر جي ڪارڪردگي ۽ محصولن جي هدفن تي سوال اٿاريا. حڪومت هر هاڪاري ۽ تعميري تنقيد جي آجيان ڪري ٿي، جڏهن ته انهن انگن اکرن کي درست نظر ۾ ڏسڻ به ضروري آهي. 1988 کان 2011 تائين، يعني 23 سالن جي عرصي ۾ اٽڪل 14 ارب آمريڪي ڊالرن جي اضافي ٽيڪس محصول حاصل ڪيون ويون. اهڙي طرح 2011 کان 2024ع تائين جي سالن ۾ به اٽڪل 14 ارب امريڪي ڊالر جي اضافي محصول جمع ٿي.  ان جي ابتڙ، موجوده حڪومت رڳو گذريل ٻن سالن دوران اٽڪل 14  ارب آمريڪي ڊالر جي اضافي ٽيڪس محصول حاصل ڪيون آهن، جيڪا هڪ غير معمولي ڪاميابي آهي، اها ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ذاتي  ڌيان، واضح ويزن ۽ ايف بي آر جي نئين سر  سڌارن لاءِ ان جي مسلسل رهنمائي جو نتيجو آهي. حڪومت مالي وسيلن جي موثر فراهمي کي پنهنجي معاشي حڪمت عميل جو بنيادي ٿنڀ بڻايو آهي، ته جيئن ترقياتي منصوبن، سماجي شعبن ۽ قومي معيشت کي مضبوط بنيادن تي آڻي سگهجي. ناڻي واري وزير زرعي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته زراعت اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي اهي، حڪومت زراعت ۽ آبادگارن لاءِ خاطر خواهه قدم ۽ ترقياتي پيڪيجز جو اعلان ڪيو آهي. زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ ننڍن آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ هڪ مربوط زرعي اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي جنهن تحت 300 ارب روپين جي بنا وياج ۽ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيو پيو وڃي.  ان اسڪيم مان اٽڪل ساڍا ست لک ننڍا آبادگار فائدو کڻي سگهندا، اهڙي طرح زرعي شعبي ۾ مالي مدد لاءِ 109 ارب روپين کان وڌيڪ جي قرضن فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي،  جڏهن ته سبسڊي جي مد ۾ ان بجيٽ ۾ به خاطر خواهه رقم رکي وئي آهي، ڀاڻ خاص ڪري يوريا تي اٽڪل 10ارب روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، وفاقي ترقياتي پروگرام تحت زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي منصوبن لاءِ 4.2 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ ٻه جاري ۽ هڪ نئون منصوبو شامل آهي. زراعت کي جديد رخن تي آڻڻ لاءِ  درامدي ڊيوٽي ۾ به رليف فراهم ڪيو پيو وڃي، آبادگارن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري تائين پهچ ڏيڻ لاءِ سبسڊي ۽ رسڪ شيئرنگ تحت اٽڪل 5 ارب روپيا رکيا ويا آهن، فصلن ۽ لائيو اسٽاڪ جي انشورنس اسڪيم لاءِ به اهم رقم رکي وئي آهي ته جيئن آبادگارن کي قدرتي آفتن ۽ نقصانن کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ زرعي تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏني پئي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قدمن تحت هڪ هزار پاڪستاني شاگردن ۽ آبادگارن کي چيني زرعي يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن ۾ جديد مهارتن جي تربيت ڏني پئي وڃي. هن وقت تائين  ان پروگرام مان 800 کان وڌيڪ ماڻهن فائدو کنيو آهي. انهن قدمن جو مقصد جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ بهترين  عالمي تجربن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ آهي. اهڙي طرح نجي شعبي جي حصيداري سان ڪولڊ اسٽوريج جا منصوبا به شروع ڪيا پيا وڃن جن تي اٽڪل 7.1 ارب  روپيا لاڳت ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته  حڪومت جو ڀرپور ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته معيشت لاءِ اهڙن شعبن  کي هٿي ڏني وڃي جن جا اثر ٻين ننڍن شعبن تي به پون. تعميرات ۽ هائوسنگ جا شعبا معيشت ۾ ملٽي پلائر اثر رکندا آهن. ان لاءِ ان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ متوازن قدم کنيا ويا آهن.  ان سلسلي ۾ وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام  به شروع ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هو پاڪستان جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهي ٿو جنهن معاشي استحڪام جي سفر ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو.  حڪومت پنهنجي وعدي مطابق جڏهن وسيلا دستياب ٿيا ته مختلف طبقن کي رليف فراهم ڪيو آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن، پينشنرن ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت ۾ اضافو ڪيو  ويو آهي. پينشنرز جي سهولت لاءِ پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ جي نظام کي جديد بڻايو ويو آهي ته جيئن انهن کي آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پون. هاڻي فيس ريڪگنيشن ۽ پاڪ آءِ ڊي ايپ ذريعي گهر ويٺي تصديق ممڪن آهي. اهڙي طرح عورتن جي صحت سان لاڳاپيل ضروري شين ۽ ڪجهه دوائن تي ٽيڪس  ۾ گهٽتائي ۽ ڪجهه تي مڪمل خاتمو ڪيو ويو آهي. اهي قدم معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي رخ ۾ هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهن. ناڻي واري وزير  تعليمي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومت اعليٰ تعليم جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ ٽينيور ٽريڪ سسٽم تحت يونيورسٽي استادن، جن ۾ پروفيسرز، ايسوسيئيٽ پروفيسرز ۽ اسسٽنٽ پروفيسرز شامل آهن، جي پگهارن کي ريگيولر ريٽس جي ڀيٽ ۾ 35 سيڪڙو وڌيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  اسان کي پنهنجي قيمتي تجويزن  سان نوازيو جن تي اڄ ايوان ۾ به بحث ٿيو.  انهن مان  ڪيتريون ئي تجويزون يا ته فنانس ايڪٽ جو حصو بڻجي رهيون آهن يا اسان جي مستقبل جي ٽيڪس پاليسي جي حوالي سان رهنمائي فراهم ڪري رهيون آهن. اهڙي طرح قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ محصول بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  ۾ بحث هيٺ آيل تجويزون به فنانس بل ۾ شموليت لاءِ غور هيٺ آهن. مان هن فورم تي انهن ٻنهي ڪميٽين جي ان قومي خدمت تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي ذاتي دلچسپي سان ڪفايت شعاري جو مثال قائم ڪندي اٽڪل پنج ارب روپين جي رقم بجيٽ ۾ بچت ممڪن بڻائي. ناڻي واري وزير چيو ته  هو دل جي گهرائين  سان انهن سمورين شخصيتن جو ٿورائتو آهي جن جي جامع ۽ مخلصاڻي رهنمائي سان بجيٽ کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. اسان ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين،  ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪس پاليسي آفيس ۽ انهن جي ساٿين جا به دل جي گهرائين سان شڪر گذار آهيون جن بجيٽ جي تياري ۽ بجيٽ تجويزن جي جائزي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته  اسان جي معاشي ۽ اقتصادي بحالي لاءِ قومي اتفاق راءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿي. مان سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گذارش ڪيان ٿو ته هو معيشت جي وڌيڪ ترقي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکن ته جيئن اسان پاڪستان کي هڪ روشن ۽ بهترين مستقبل ڏانهن وٺي وڃي سگهون.