اسلام آباد - 20 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبرن سينيٽ پاران مليل سفارشن جي حمايت ڪندي قرار ڏنو ته کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي سفارش صحيح آهي جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ ملاوٽ ڪري وڪرو ڪندڙ آئل مصنوعات تي 80 روپيا في ليٽر ليوي جو فيصلو پڻ صحيح آهي، ان کي واپس نه …
قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سينيٽ پاران مليل سفارشن جي حمايت، کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي سفارش درست قرار
اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبرن سينيٽ پاران مليل سفارشن جي حمايت ڪندي قرار ڏنو ته کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي سفارش صحيح آهي جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ ملاوٽ ڪري وڪرو ڪندڙ آئل مصنوعات تي 80 روپيا في ليٽر ليوي جو فيصلو پڻ صحيح آهي، ان کي واپس نه وٺڻ گهرجي، صوبائي حڪومتن پاران مقامي حڪومتن کي فنڊز نه ڏيڻ سبب وفاقي بجيٽ مان سڌي ريت مقامي حڪومتن لاءِ فنڊ رکڻ جي تجويز اهم آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ميمبرن عاليه ڪامران چيو ته سينيٽ پاران ايڊوانس ٽيڪس 8 سيڪڙو تائين آڻڻ، بجلي تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ جي سفارش اهم آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. پيٽروليم ليوي کي ڪيپ ڪرڻ جي سفارش به اهم آهي. هن چيو ته سينيٽ جون سموريون سفارشون معاشي ترقي ۽ ملڪ لاءِ اهم آهن. مخالف ڌر جي ميمبرن عمير خان نيازي چيو ته سينيٽ جون سفارشون با معنيٰ آهن، يوٿ اسڪيمن تي اعتراض صحيح ناهي، پيٽرول ۾ ملاوٽ ڪري وڪرو ڪندڙن ۽ ٻين تي 80 روپيا في ليٽر ايف اي ڊي لاڳو جو مقصد سينيٽ کي ڏسڻ گهرجي ها. برائي کي روڪڻ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪا ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي ته اهو درست آهي، ان جي خاتمي جو مطالبو صحيح ناهي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ميمبر نعيمه ڪشور چيو ته صنعت کي گيس ۽ بجلي جي ٽيرف جي سفارش سٺي تجويز آهي، ضم ٿيل ضلعن جي ٽيڪس ڇوٽ جي حوالي سان سينيٽ سفارشن ۾ نه ڳالهايو ويو آهي. زراعت جي حوالي سان سينيٽ سفارشون اهم آهن انهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وفدن کي الڪحل آڻڻ جي اجازت ڏيڻ جي سفارش صحيح ناهي، ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي سفارش جي حمايت ڪيون ٿا، مهانگائي جي شرح سان اضافو ٿيڻ گهرجي. يونيورسٽين کي سهولتون ڏيڻ جي سفارش جي به حمايت ڪيون ٿا. مقامي حڪومت کي مرڪز سان سڌي ريت فنڊنگ جي سفارش جي به سپورٽ ڪيون ٿا، صوبا مقامي حڪومتن کي فنڊز نٿا ڏين، صوبائي فنانس ڪميشن ايوارڊ جي ضرورت آهي، پنهنجو گهر اسڪيم تحت بنا وياج جي قرض ڏيڻ گهرجي، تماڪ جي ٽيڪس ۾ اضافي جي حمايت ڪيون ٿا. عامر ڊوگر چيو ته سينيٽ پيٽروليم ليوي ۽ ڪلائميٽ ليوي کي الڳ ڪرڻ جي سفارش اهم آهي، ٽيليڪام سيڪٽر تي ايڊوانس 15 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 8 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش اهم آهي. ڀاڻ تي انڪم ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي. وفاقي حڪومت جي ملازمن جي لاءِ پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، حيدرآباد-سکر موٽر وي تي ڪم هلندڙ سال کان شروع ۽ ان لاءِ فنڊز ۾ اضافو ڪيو وڃي. تاجڪستان پاڪستان ٽرانسميشن لائين منصوبي تي ڪم ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ايران گئس پائيپ لائين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان کي موقعو مليو آهي، ان منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته تماڪ تي ٽيڪس ناڻي واڌ جي مطابق وڌڻ جي تجويز سٺي آهي جڏهن ته اها سگريٽن تي هئڻ گهرجي، پيداوار تي ٽيڪس لڳائڻ سان آبادگار متاثر ٿين ٿا. تماڪ کي زرعي پيداوار قرار ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان تي ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. مخالف ڌر جي ميمبر شبير قريشي چيو ته سينيٽ جي سفارشن ۾ جاري اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. مظفر ڳڙهه يونيورسٽي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رکيل 10 ڪروڙن کي وڌائي هڪ ارب ڪيو وڃي. عاطف خان سينيٽ سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سمورن ايئر لائين کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي، يورپ ۽ آمريڪا لاءِ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي بزنس ڪلاس سان اڪانامي ڪلاس کي پڻ رليف ڏنو وڃي. صاحبزاده صبغت الله چيو ته سينيٽ سفارشن جي حمايت ڪيون ٿا، چڪدره کان لواري ٽنل تائين روڊ تي ڪم شروع ڪيو وڃي. عائشه نذير جٽ چيو ته ملڪ ۾ پيٽنٽ ٽيڪنالاجي جي سهولت هئڻ گهرجي، ان حوالي سان جيڪي سفارشون ڪيون ويون آهن انهن کي منظور ڪيو وڃي، کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. گوهر علي خان چيو ته سينيٽ سفارشن ۾ قرضن جي انتظام سان لاڳاپيل اهم سفارش آهي، اها حڪومت جي هڪ وڏي ذميواري آهي، اسان مسلسل قرض وٺي رهيا آهيون جڏهن ته ان جي واپسي لاءِ موثر حڪمت عملي نظر نٿي اچي، اسان کي پنهنجي قرضن کي وڌيڪ ذميواراڻو ۽ پائيدار بنائڻو پوندو ته جيئن ايندڙ نسلن تي غير ضروري مالي بار نه پوي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اصل ضرورت قدرتي آفتن کان بچاءُ وارن قدمن تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. وفاق ۽ صوبا ان فنڊ ۾ تعاون ڪن، قدرتي آفتن کي ڪير به اڪيلو منهن نٿو ڏئي سگهي. شهزاده گستاسپ سينيٽ سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ڪجهه علائقن ۾ فنڊنگ جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، حميد حسين چيو ته سولر بيٽرين تي ٽيڪس ۾ اضافو واپس وٺڻ واري سفارش صحيح آهي، ضم ٿيل ضلعن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تمام گهڻي آهي، فارنرز جي پرڏيهه مان الڪوحل گڏ کڻڻ جو مقدار مقرر ڪيو وڃي. اندرون ملڪ اسڪالرشپ لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن. اسان جا بند روڊ کوليا وڃن ۽ آءِ ڊي پيز کي واپس پنهنجي علائقن ۾ وٺڻ گهرجي.












