اي اين ايف جون ڪارروائيون، 2 عورتن سميت 6 منشيات اسمگلر گرفتار 

اسلام آباد- 20 جون (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 2 ڪروڙ 81 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 145.505 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري 2 عورتن سميت 6  جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين دوران ملتان ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ ارجنٽائن کان آيل پارسل ۾ …

اسلام آباد- 20 جون (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 2 ڪروڙ 81 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 145.505 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري 2 عورتن سميت 6  جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين دوران ملتان ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ ارجنٽائن کان آيل پارسل ۾ ليڊيز اسيسريز مان 205 گرام ڪوڪين، جڏهن ترنول ڦاٽڪ اسلام آباد ويجهو 2 جوابدارن جي قبضي مان 4.8 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. حسن ابدال اٽڪ ويجهو گاڏي مان 3.6 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. جي ٽي روڊ پشاور ويجهو 2 عورتن جي قبضي مان 2.4 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتو. مرتضيٰ چورنگي ملير ڪراچي ويجهو 62 ڪلو گرام آئيس هٿ ڪري ورتي. سٽي باءِ پاس ڊسٽرڪٽ چاغي ويجهو ٽرڪ مان 70 ڪلو گرام آفين هٿ ڪيو ويو. اسلام آباد ڪوريئر آفيس ۾ پارسل ۾ شوز باڪس مان 2.5 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي. ڪارروائين جو منشيات جي روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيسن داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.