اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ايندڙ مالي سال دوران 35 لک دڪاندار ٽيڪس نيٽ ۾ داخل ٿيندا، حڪومت پگهاردار طبقي، آبادگارن، صنعتڪارن، ايڪسپورٽرز ۽ هر پاڪستاني شهريءَ جي مفادن موجب متوازن بجيٽ ڏنو آهي، بجيٽ سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ حصو وٺندي بلال اظهر ڪياني …
حڪومت پگهاردار طبقي، آبادگارن، صنعتڪارن، ايڪسپورٽرز ۽ هر پاڪستاني شهريءَ جي مفادن موجب متوازن بجيٽ ڏنو آهي: بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته ايندڙ مالي سال دوران 35 لک دڪاندار ٽيڪس نيٽ ۾ داخل ٿيندا، حڪومت پگهاردار طبقي، آبادگارن، صنعتڪارن، ايڪسپورٽرز ۽ هر پاڪستاني شهريءَ جي مفادن موجب متوازن بجيٽ ڏنو آهي، بجيٽ سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ حصو وٺندي بلال اظهر ڪياني چيو ته هو پوري ايوان ۽ قوم سان وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي مبارڪون پيش ڪري ٿو، جن جي ڪوششن عيوض اڄ پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ملي آهي ۽ اسلام آباد انڊر اسٽينڊنگ ذريعي پاڪستان جنگبنديءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي پوري دنيا شڪرگذار آهي. هن چيو ته بجيٽ درحقيقت هڪ عوامي بجيٽ آهي. هي پگهاردار طبقي، هارين، صنعتڪارن، ايڪسپورٽرز ۽ هر پاڪستاني شهري جو بجيٽ آهي، وزيراعظم واعدو ڪيو ته اسان پهرين معاشي استحڪام آڻينداسين ۽ پوءِ بهتري ڏينداسين. الحمدلله، ان بجيٽ ۾ اها بهتري واضح نظر اچي رهي آهي. مملڪتي وزير چيو ته فيبروري 2024ع ۾ جڏهن حڪومت آئي ته معاشي حالتون نهايت مشڪل هيون، گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته هيءَ حڪومت ڪجهه مهينا به نه هلي سگهندي، پر وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ صرف معيشت کي نه سنڀاليو ويو پر مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي آئي. مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌيا ۽ آءِ ايم ايف پروگرام به ڪاميابيءَ سان طئي ٿيو. مخالفن چيو ته هدف پورا نه ٿيندا ۽ مني بجيٽ ايندي پر حڪومت مالي سال 2025ع ۾ سمورا هدف حاصل ڪيا ۽ ڪابه مني بجيٽ نه آئي. هن چيو ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويو آهي، 22 کان 23 لک آمدني وارن لاءِ ٽيڪس 23 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، 32 کان 41 لک وارن لاءِ 30 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 25 سيڪڙو، 41 کان 56 لک وارن لاءِ 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 29 سيڪڙو ۽ 56 کان 70 لک رپيا ڪمائيندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 35 کان گهٽ ڪري 32 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ سپر ٽيڪس به ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽرز لاءِ ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو ته جيئن ان جي لاڳت گهٽ ٿئي ۽ چٽاڀيٽي وڌي. آءِ ٽي انڊسٽريءَ لاءِ 0.25 ٽيڪس سهولت وڌيڪ ٽن سالن لاءِ وڌائي وئي، تعميراتي شعبي لاءِ به قدم کنيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کي پنهنجا گهر بڻائڻ ۾ سهولت ملي. پنهنجو گهر اسڪيم لاءِ 71 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن تحت شهري گهٽ وياج تي قرض وٺي سگهن ٿا. مملڪتي وزير چيو ته زرعي شعبي لاءِ 300 ارب رپيا ڏنا ويندا. وزيراعظم ايگريڪلچر يوٿ اسڪيم تحت 110 ارب رپيا رکيا ويا آهن، زرعي مشينريءَ تي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. عورتن جي ضروري شين ۽ فيملي پلاننگ شين تي به سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. شپنگ انڊسٽريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به سيلز ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي ته جيئن پاڪستان پنهنجي واپاري صلاحيت کي بهتر بڻائي سگهي. هن چيو ته ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ نئين اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي، ننڍا دڪاندار 20 ڪروڙ تائين سيل ڪندڙ دڪاندار صرف هڪ سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا، انهن جي سادي ۽ اردو فارم ذريعي رجسٽريشن ٿيندي، کين ايف بي آر طرفان سبز پليٽ ڏني ويندي ۽ عام حالتن ۾ انهن جو آڊٽ نه ٿيندو، ان اسڪيم جو مقصد 35 لک دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته هو سمورن بزنس تنظيمن جو ٿورو مڃي ٿو جن ان بجيٽ کي ساراهيو.











