ڪراچي-19 جون (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ۽ جيالي صبا حيدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.هڪ تعزيتي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته صبا حيدر جون پارٽي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته صبا حيدر هڪ متحرڪ، مخلص ۽ نظرياتي ڪارڪن هئي، جنهن پارٽي …
سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران پ پ جي ڪارڪن صبا حيدر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
ڪراچي-19 جون (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ۽ جيالي صبا حيدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.هڪ تعزيتي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته صبا حيدر جون پارٽي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته صبا حيدر هڪ متحرڪ، مخلص ۽ نظرياتي ڪارڪن هئي، جنهن پارٽي جي پيغام کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.اسپيڪر چيو ته صبا حيدر جي وفات سان پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ بهترين، وفادار ۽ سرگرم ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن جو خال آساني سان ڀرجي نه سگهندو.سيد اويس قادر شاهه دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه صبا حيدر جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس درجات بلند فرمائي. هن مرحومه جي وارثن ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.











