ڪراچيءَ جي ميئر جي صدارت هيٺ سمورن ٽائون ۽ ميونسپل ڪمشنرن جو اهم اجلاس

ڪراچي-19 جون (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ ڪراچي جي سڀني ٽائون ميونسپل ڪمشنرن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ روڊ ڪٽنگ ،نالن جي صفائي ۽ ٻين ترقياتي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ٽائون ميونسپل ڪمشنرن ميئر ڪراچي کي  پنهنجي ٽائونز جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ميئر چيو ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي شهر ۾ ميگا …

ڪراچي-19 جون (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ ڪراچي جي سڀني ٽائون ميونسپل ڪمشنرن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ روڊ ڪٽنگ ،نالن جي صفائي ۽ ٻين ترقياتي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ٽائون ميونسپل ڪمشنرن ميئر ڪراچي کي  پنهنجي ٽائونز جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ميئر چيو ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي شهر ۾ ميگا ترقياتي اسڪيمون شروع ڪندي، جڏهن ته 170 روڊن جي بحالي جو ڪم به شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي انفرااسٽريڪچر کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ۽ اسان جي پوري ڪوشش آهي ته هلندڙ سال شهر کي وڌيڪ ترقي يافته بڻايو وڃي.