يومِ عاشورا محرم الحرام جي موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پاران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالِ بابت خصوصي انتظامن لاءِ هنگامي پلان جاري

ڪراچي-19 جون (اي پي پي) يومِ عاشورا محرم الحرام جي موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پاران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالِ بابت خصوصي انتظامن لاءِ هنگامي پلان جاري ڪيو ويو آهي. ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب مرتضيٰ وهاب ۽ سي اي او احمد علي صديقي جي هدايتن تي سڀني آفيسرن ۽ فيلڊ عملي کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.سي او او انجنيئر اسدالله خان …

ڪراچي-19 جون (اي پي پي) يومِ عاشورا محرم الحرام جي موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پاران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالِ بابت خصوصي انتظامن لاءِ هنگامي پلان جاري ڪيو ويو آهي. ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب مرتضيٰ وهاب ۽ سي اي او احمد علي صديقي جي هدايتن تي سڀني آفيسرن ۽ فيلڊ عملي کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.سي او او انجنيئر اسدالله خان پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ يومِ عاشورا کان اڳ محرم الحرام جي سمورن انتظامن کي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. مسجدن، امام بارگاهن، مجلسن، سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي صاف پاڻي جي فراهمي جون سهولتون يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.محرم الحرام دوران بنا رنڊڪ پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سيوريج لائينن جي صفائي، مين هولن جي مرمت ۽ انهن جي ڍڪڻن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.جيٽنگ ۽ سکشن مشينن کي فعال رکڻ، هنگامي عملي جي مقرري ۽ خصوصي ڊيوٽي روسٽر ترتيب ڏيڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. هائيڊرنٽس سيل کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مجلسن، جلوسن، سبيلن ۽ امام بارگاهن کي ضرورت موجب پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.ضلعي انتظاميا، پوليس، شيعه عالمن، جعفريا الائينس ۽ ٻين مذهبي تنظيمن سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.محرم الحرام جي انتظامن جي نگراني لاءِ آفتاب عالم چانڊيو، محمد زاهد، شفقت مگهن ۽ شهباز بشير کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.