صبا حيدر هڪ متحرڪ جيالي هئي، سندس لاڏاڻي تي گهرو صدمو پهتو آهي: سينيٽر عاجز ڌامراهه

حيدرآباد-19 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ پارٽي جي سوشل ميڊيا تي متحرڪ جيالي ڪارڪن صبا حيدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي چيو آهي ته صبا حيدر هڪ متحرڪ جيالي هئي، سندس لاڏاڻي تي گهرو صدمو پهتو آهي.صبا حيدر سماجي رابطن جي پليٽ فارمن تي ڀٽوازم جي نظريي جي پرچار لاءِ غيرمعمولي ڪم ڪيو. جوان اولاد جي …

حيدرآباد-19 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ پارٽي جي سوشل ميڊيا تي متحرڪ جيالي ڪارڪن صبا حيدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي چيو آهي ته صبا حيدر هڪ متحرڪ جيالي هئي، سندس لاڏاڻي تي گهرو صدمو پهتو آهي.صبا حيدر سماجي رابطن جي پليٽ فارمن تي ڀٽوازم جي نظريي جي پرچار لاءِ غيرمعمولي ڪم ڪيو. جوان اولاد جي جدائي ڪنهن به والدين لاءِ ناقابل برداشت ڏک هوندو آهي. اسان رنج ۽ غم جي هن گهڙيءَ ۾ صبا حيدر جي پونئيرن لاءِ صبر جي دعا گهرون ٿا.