لاڙڪاڻو-19 جون (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن موجب لاڙڪاڻو پوليس پاران منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف زبردست ڪارروايون. مختلف هنڌن تان (07) ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڏوهاري قتل، ڦرن، منشيات فروشي ۽ چورين جهڙن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ گهربل آهن. ڏوھارين وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات، هونڊا سٽي ڪار ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. پوليس …
لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 7 ڏوهاري گرفتار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-19 جون (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن موجب لاڙڪاڻو پوليس پاران منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف زبردست ڪارروايون. مختلف هنڌن تان (07) ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڏوهاري قتل، ڦرن، منشيات فروشي ۽ چورين جهڙن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ گهربل آهن. ڏوھارين وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات، هونڊا سٽي ڪار ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. پوليس موجب رتوديرو پوليس رتا بند واري علائقي مان بين الصوبائي منشيات فروش گروهه جا ٻه مک ڏوھارين عابد بروهي ۽ نعيم بروهي کي ٽي ڪلو کان وڌيڪ (3080) گرام چرس ۽ 97 ڪلو کان وڌيڪ گٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏھن ته باڊه پوليس قتل جي ڪيس ۾ ملوث ۽ اشتهاري ڏوهاري محمد علي جوڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي اھڙي طرح حيدري پوليس ارشد نالي اشتهاري ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ماهوٽا پوليس ماهوٽا پل واري علائقي مان چوري جي واقعن ۾ ملوث ٽن ڄڻن تي مشتمل گينگ ساجد چاڇڙ، علي ڏنو ماهوٽو ۽ نصرت چاڇڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سيهڙ پوليس چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري جاچ کان پوءِ اصل مالڪ شهري ارشد سولنگي جي حوالي ڪري ڇڏي.











