سکر-19 جون (اي پي پي) سکر پوليس سماجي براين، منشيات فروشي ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين جي غيرقانوني خريد ۽ وڪري خلاف جاري مهم دوران مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪارروايون ڪندي آءِ آر لسٽڊ منشيات فروش سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ چرس، گٽڪو، ماوا ۽ سوپاري هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان موجب سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس …
سکر پوليس جون ڪاروايون، مختلف جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

مزید خبریں
سکر-19 جون (اي پي پي) سکر پوليس سماجي براين، منشيات فروشي ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين جي غيرقانوني خريد ۽ وڪري خلاف جاري مهم دوران مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪارروايون ڪندي آءِ آر لسٽڊ منشيات فروش سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ چرس، گٽڪو، ماوا ۽ سوپاري هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان موجب سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس ايس ايچ او جي نگراني هيٺ ڪارروائي ڪندي آءِ آر لسٽڊ بدنام منشيات فروش عبدالرزاق کوسو کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان 2 هزار 160 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. جوابدار خلاف سائيٽ ايريا ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 119/2026 قلم 9(1)3C ڪنٽرول آف نارڪوٽڪ سبسٽينسز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس پنهنجي حد ۾ ڪارروائي ڪندي جوابدار غلام مصطفيٰ شيخ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 2 هزار گرام چرس هٿ ڪري ورتو. پوليس جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گٽڪي ۽ ماوي جي فراهمي ۾ ملوث جوابدار محمد علي اعواڻ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ گٽڪو، ماوا ۽ سوپاري هٿ ڪئي وئي. جوابدار خلاف سنڌ پروهيبيشن آف اسموڪنگ اينڊ پروٽيڪشن آف نان اسموڪرز هيلٿ ايڪٽ 2019 تحت ايف آءِ آر نمبر 192/2026 داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي سکر اظھر خان ڪامياب ڪاررواين تي لاڳاپيل ايس ايچ اوز ۽ پوليس ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي کين شاباس ڏني آهي. هن چيو ته منشيات فروشن، گٽڪي جي سپلائرز ۽ ٻين سماجي براين ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون جاري رکيون وينديون ۽ شهرين کي محفوظ ۽ پرامن ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ موجود وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.











