اسلام آباد - 18 جون (اي پي پي) پاڪستاني ڄائي زيدان اقبال جي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪروڙين پاڪستاني شوقينن جي دل کٽي ورتي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي موجب عراقي ٽيم پاران کيڏندڙ مانچسٽر يونائيٽيڊ جو اڳوڻو رانديگر زيدان اقبال ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو پهريون پاڪستاني ڄائو فٽبالر بڻجي ويو. فٽبالر زيدان اقبال پنهنجي پاڪستاني والد جي بهترين تربيت کي پنهنجي ڪاميابي جو سبب قرار ڏنو. …
پاڪستاني ڄائي زيدان اقبال جي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪروڙين پاڪستاني شوقينن جي دل کٽي ورتي

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) پاڪستاني ڄائي زيدان اقبال جي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪروڙين پاڪستاني شوقينن جي دل کٽي ورتي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي موجب عراقي ٽيم پاران کيڏندڙ مانچسٽر يونائيٽيڊ جو اڳوڻو رانديگر زيدان اقبال ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو پهريون پاڪستاني ڄائو فٽبالر بڻجي ويو. فٽبالر زيدان اقبال پنهنجي پاڪستاني والد جي بهترين تربيت کي پنهنجي ڪاميابي جو سبب قرار ڏنو. پاڪستاني ڄائي فٽبالر زيدان اقبال جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آئون پاڪستان جي نمائندگي ڪريان ها ته بطور پاڪستاني منهنجو والد وڌيڪ خوش ٿئي هي. برطانوي نشرياتي اداري موجب فيفا ورلڊ ڪپ ۾ زيدان اقبال جي موجودگي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻارن جو حوصلو وڌائي ڇڏيو، عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ زيدان اقبال نوجوان نسل جي لاءِ روشن مثال قائم ڪري ڇڏيو.











