فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع: انگلينڊ ۽ گهانا جي گروپ ايل ۾ فتح سان شروعات

ٽيڪساس - 18 جون (اي پي پي) فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ انگلينڊ ۽ گهانا پنهنجي عمده ڪارڪردگي جي ڪري فاتحاڻي شروعات ڪري ڇڏي. انگلينڊ ڪروشيا کي 2 – 4 گولز تان شڪست ڏئي ايونٽ جي فاتحاڻي شروعات ڪئي جڏهن ته گهانا پاناما کي سخت مقابلي کانپوءِ 0 – 1 گول تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ جي جاندار شروعات ڪري ڇڏي. آمريڪي خابرو اداري اي ايس پي اين موجب خميس …

ٽيڪساس – 18 جون (اي پي پي) فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ انگلينڊ ۽ گهانا پنهنجي عمده ڪارڪردگي جي ڪري فاتحاڻي شروعات ڪري ڇڏي. انگلينڊ ڪروشيا کي 2 – 4 گولز تان شڪست ڏئي ايونٽ جي فاتحاڻي شروعات ڪئي جڏهن ته گهانا پاناما کي سخت مقابلي کانپوءِ 0 – 1 گول تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ جي جاندار شروعات ڪري ڇڏي. آمريڪي خابرو اداري اي ايس پي اين موجب خميس ڏينهن اي ٽي اينڊ ٽي اسٽيڊيم، آرلنگٽن ۾ کيڏي ويندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي گروپ ايل جي مئچ ۾ انگلينڊ ۽ ڪروشيا جون ٽيمون سامهون هيون جنهن ۾ انگلينڊ جي ٽيم ڪروشيا کي 2 جي مقابلي ۾ 4 گول تان هارائي ڇڏيو. هيري ڪين ٻه جڏهن ته جوڊ بيلنگهم ۽ مارڪس راشفورڊ هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪروشيا پاران مارٽن باتورينا ۽ پيٽر موسي هڪ هڪ گول ڪيو. اهڙي طرح انگلينڊ جي ٽيم گروپ ايل ۾ فاتحاڻي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف انهي گروپ جي بي ايم او فيلڊ، ٽورنٽو، ڪئنادا ۾ کيڏي ويندڙ هڪ ٻي مئچ ۾ گهانا ۽ پاناما آمهون سامهون هيون جنهن ۾ انتهائي سخت مقابلي کانپوءِ گهانا پاناما کي 0 – 1 گول تان هارائي جاندار شروعات ڪري ڇڏي. گهانا پاران ڪاليب مئچ جي آخري لمحن ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري.