لاڙڪاڻو - 18 جون (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو جي صدارت هيٺ ڊي ايڇ او آفيس ۾ 10 محرم الحرام جي سلسلي ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر سيد علي سرور شاھ، ريسڪيو 1122 لاڙڪاڻو جي انچارج محمد نواز شيخ، ريسڪيو 1122 ايمبولينس جي ڊسرڪٽ مئنجر ڊاڪٽر آصف پيچوهو، پي پي ايڇ آءِ جي …
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي سلسلي ۾ اجلاس، ضلعي اندر ڪنٽرول روم ٺاهيو ويو آهي، مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپيون لڳايون وينديون: ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 18 جون (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو جي صدارت هيٺ ڊي ايڇ او آفيس ۾ 10 محرم الحرام جي سلسلي ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر سيد علي سرور شاھ، ريسڪيو 1122 لاڙڪاڻو جي انچارج محمد نواز شيخ، ريسڪيو 1122 ايمبولينس جي ڊسرڪٽ مئنجر ڊاڪٽر آصف پيچوهو، پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر عبدالرزاق راهوجو سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو چيو ته 10 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ضلعي اندر ڪنٽرول روم ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپيون لڳايون وينديون. هن چيو ته 10 محرم الحرام جي ڏينهن سڄي ضلعي اندر ماهر ڊاڪٽرن توڙي عملي سان گڏ ايمبولينسون موجود هونديون ته جيئن عزاداري ڪندڙ عزادارن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پيش نه اچي سگهي، ان سلسلي ۾ اڄ هي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي. ان موقعي تعلقي اسپتالن جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽز ۽ رورل هيلٿ سينٽرن جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽز پڻ شرڪت ڪئي.










