مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ عوامي ڀلائي جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 18 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ۾ ڪراچي جي ترقي لاءِ وڏي پئماني تي فنڊ مختص ڪيا آهن، جيڪي شهر جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي …

ڪراچي- 18 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ۾ ڪراچي جي ترقي لاءِ وڏي پئماني تي فنڊ مختص ڪيا آهن، جيڪي شهر جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معاشي شهه رڳ آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه هن شهر جي ضرورتن کي اوليت ڏني آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي جديد، ترقي يافته ۽ عالمي معيار جي شهر ۾ تبديل ڪرڻ جي ويزن تي تيزيءَ سان عمل پيرا آهي. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جهڙا ميگا منصوبا ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلن جي حل ۽ شهري رابطن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙيءَ طرح ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ڪوريڊور منصوبو بندرگاهي ۽ واپاري ٽريفڪ جي رواني کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو، جنهن سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. پيپلز بس سروس تحت جديد اليڪٽرڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون شهرين کي سفري سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته هڪ هزار اليڪٽرڪ بسن جي منصوبي تحت پهرئين مرحلي ۾ 500 اي وي بسن جي خريداري جو عمل جاري آهي. هن چيو ته انهن رٿائن سان عوام کي ماحول دوست، آرامده ۽ گهٽ خرچ واريون سفري سهولتون ميسر اينديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي بلدياتي ۽ شهري سهولتن جي بهتري لاءِ به بجيٽ ۾ خاص توجهه ڏني وئي آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي مالي طور وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اٽڪل 13 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن. شهر ۾ مرمت ۽ بحالي جي ڪمن لاءِ ڏيڍ ارب رپيا، جڏهن ته برساتي نالن ۽ اسٽارم واٽر ڊرينز جي صفائي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن ته جيئن سانوڻي جي برساتن دوران شهرين کي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي تاريخي ورثي جي تحفظ تي پڻ خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي بحالي ان عزم جو عملي اظهار آهي. ان سان گڏوگڏ ڪراچي ۾ شهري سهولتن، پارڪن، راندين جي ميدانن، روڊن ۽ ڊجيٽل گورننس کي ھٿي ڏيڻ لاءِ مختلف ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گريٽر ڪراچي واٽر سپلاءِ اسڪيم، سائيٽ انڊسٽريل ايريا جي روڊن جي بحالي ۽ ڪراچي کي وڌيڪ ڪاروبار دوست شهر بڻائڻ لاءِ مختلف ترقياتي رٿائن تي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحت جي شعبي ۾ به ڪراچي جي وڏن ادارن، جن ۾ اين آءِ سي وي ڊي، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، ايس آءِ يو ٽي ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيو نيٽالاجي شامل آهن، جي توسيع ۽ بهتري لاءِ وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن شهرين کي عالمي معيار جون مفت طبي سهولتون ميسر ٿي سگهن. هن چيو ته مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ڪراچي جي روشن مستقبل، جديد انفراسٽرڪچر، بهتر ٽرانسپورٽ، اثرائتن بلدياتي خدمتن ۽ عوامي ڀلائي جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. سنڌ حڪومت شهر جي مسئلن جي مستقل حل ۽ عوام کي بهتر معيارِ زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

مزید خبریں