حيدرآباد - 18 جون (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي آفيس آف ريسرچ، اينوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن (اوريڪ) پاران يونيورسٽي جي تحقيقي جرنلن جي ايڊيٽرن جو جائزو اجلاس وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي تحقيقي جرنلن جي ڪارڪردگي، ڪاميابين، چئلينجن ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. …
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اوريڪ پاران يونيورسٽي جي تحقيقي جرنلن جي ايڊيٽرن جو جائزو اجلاس منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد – 18 جون (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي آفيس آف ريسرچ، اينوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن (اوريڪ) پاران يونيورسٽي جي تحقيقي جرنلن جي ايڊيٽرن جو جائزو اجلاس وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي تحقيقي جرنلن جي ڪارڪردگي، ڪاميابين، چئلينجن ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ گڏيل طور ايڇ اي سي جي درجابنديءَ موجب جرنلن کي واءِ ڪيٽيگري مان ايڪس ۽ ايڪس ڪيٽيگريءَ مان ڊبليو ڪيٽيگري ڏانهن آڻڻ لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو. اجلاس دوران اوريڪ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فرحت نورين ۽ ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ وائيس چانسلر کي اجلاس جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو. هنن چيو ته يونيورسٽي جي تحقيقي اشاعتن جي معيار، عالمي سڃاڻپ، جنرلن ۾ ڇپجندڙ تحقيقي مقالن جي حوالن ۽ عالمي حيثيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هنن ٻڌايو ته هن وقت سنڌ يونيورسٽي جا 9 جرنل ايڇ اي سي جي واءِ ڪيٽيگري ۽ هڪ جرنل ايڪس ڪيٽيگري ۾ شامل آهن، جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. اجلاس ۾ مختلف جرنلن جي ايڊيٽرن پنهنجن جرنلن بابت تفصيلي رپورٽون پيش ڪيون، جن ۾ ايڊيٽوريل ترقي، اشاعتي معيار، انڊيڪسنگ جي حيثيت، لاڳاپيل شعبن جي ماهرن جي جائزن واري نظام ۽ ايڇ اي سي کان وڌيڪ درجابندي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جو ذڪر ڪيو ويو. اجلاس کي يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽين ۽ ادارن پاران شايع ٿيندڙ ٻين ايڇ اي سي کان تصديق ٿيل جرنلن جي صورتحال بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. انهن ۾ تعليم، آرٽس ۽ هيومينٽيز، سوشل سائنسز، نيچرل سائنسز، ڪامرس، مئنيجمينٽ سائنسز، انجنيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، قانون ۽ اسلامڪ اسٽيڊيز جا جرنل شامل آهن. ايڊيٽرن جرنلن جي اشاعتي فريڪوئنسي، ايڊيٽوريل پاليسين، ڊجيٽل آرڪائيو نظام، لاڳاپيل شعبن جي ماهرن جي جائزن وارن معيارن ۽ ايڇ اي سي جي جائزي جي گهرجن تي به پنهنجا خيال پيش ڪيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس ان ايناليٽيڪل ڪيمسٽري پاران شايع ٿيندڙ پاڪستان جرنل آف ايناليٽيڪل اينڊ انوائرنمينٽل ڪيمسٽري جي ايڊيٽر ڊاڪٽر هما مدثر آهي، هي جنرل ايڇ اي سي جي ايڪس ڪيٽيگري ۾ شامل آهي، جيڪو يونيورسٽي لاءِ هڪ اهم تحقيقي اعزاز جي حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوه، يونيورسٽي جا 10 جرنل ايڇ اي سي جي واءِ ڪيٽيگري ۾ پنهنجي حيثيت برقرار رکڻ يا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ريسرچ جرنل، يونيورسٽي آف سنڌ جرنل آف اينيمل سائنسز، دي شيلڊ، سنڌ يونيورسٽي جرنل آف ايجوڪيشن، يونيورسٽي آف سنڌ جرنل آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي، ڪينجهر، دي وومين، دي گورنمينٽ، ايشيا پئسفڪ ۽ گراس روٽس شامل آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري يونيورسٽي جي شاندار تعليمي ۽ تحقيقي روايتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا ڪجهه تحقيقي جرنل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان علمي دنيا جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته کيس اها ڄاڻ حاصل ڪري خوشي ٿي آهي ته سنڌ يونيورسٽي جرنل آف ايجوڪيشن پهريون ڀيرو 1955ع، انٽرنيشنل ريسرچ جرنل آف آرٽس اينڊ هيومينٽيز 1960ع ۽ سنڌ يونيورسٽي ريسرچ جرنل 1964ع ۾ شايع ٿيا هئا. هن چيو ته اهي جرنل سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي ۽ تحقيقي ورثي جو اهم حصو آهن ۽ تحقيق ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ يونيورسٽي جي ڊگهي وابستگيءَ جو ثبوت آهن. وائيس چانسلر ايڊيٽرن کي هدايت ڪئي ته عالمي اشاعتي معيارن ۽ تحقيقي اخلاقيات تي سختي سان عمل يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سڀني تحقيقي جرنلن جون ڪاپيون ملڪ جي يونيورسٽين، لائبريرين ۽ تحقيقي ادارن ڏانهن باقاعدگيءَ سان موڪليون وڃن ته جيئن سنڌ يونيورسٽي جي تحقيقي ڪم کي وسيع سطح تي پذيرائي ملي سگهي. هن ايڊيٽرن کي يونيورسٽي انتظاميا جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته جرنلن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مالي سهولتون، فني مدد، صلاحيت وڌائڻ وارا پروگرام ۽ ڊجيٽل اشاعتي ڍانچو وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ايڊيٽوريل ۽ مسودي جي انتظامي نظام کي جديد بڻائڻ، انڊيڪسنگ ۽ ايبسٽريڪٽنگ سروسز ذريعي عالمي سڃاڻپ وڌائڻ ۽ ايڇ اي سي سميت عالمي اشاعتي معيارن سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ڊاڪٽر فتح محمد مري جو چوڻ هو ته پاڪستان جي قديم ترين يونيورسٽي هجڻ جي ناتي سنڌ يونيورسٽي تي تحقيق ۽ نئين ڄاڻ جي واڌاري لاءِ تاريخي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن زور ڀريو ته يونيورسٽي جا جرنل نه رڳو قومي سطح تي نمايان هجن پر عالمي سطح تي به پاڪستان جي تعليمي ۽ تحقيقي ساک کي مضبوط ڪن.











