ھيومين رائٽس سيفٽي ڪميشن پاران سنڌ حڪومت ۽ واسا کان لطيف آباد 4 نمبر سوڌو سموري شھر کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪرڻ جو مطالبو

حيدرآباد- 18 جون (اي پي پي) ھيومين رائٽس سيفٽي ڪميشن جي چيئرمين وڪيل سيد سرفراز علي،شفاعت الله شيرواني ۽ شاھد اعواڻ سنڌ حڪومت ۽ واسا حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آھي ته حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد 4 نمبر سوڌو سموري شھر کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شھر صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي. ھنن چيو تہ لطيف آباد …

حيدرآباد- 18 جون (اي پي پي) ھيومين رائٽس سيفٽي ڪميشن جي چيئرمين وڪيل سيد سرفراز علي،شفاعت الله شيرواني ۽ شاھد اعواڻ سنڌ حڪومت ۽ واسا حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آھي ته حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد 4 نمبر سوڌو سموري شھر کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شھر صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي. ھنن چيو تہ لطيف آباد 4 نمبر وارو علائقو گذريل ھڪ سال کان صاف پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان وانجهيل آھي. رھواسي پيسن عيوض  پيئڻ جو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ھنن چيوته پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ سبب شھري پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

مزید خبریں