صدر آصف علي زرداري پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي آجيان

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جو گرمجوشي سان آجيان ڪندي ان کي خطي ۽ دنيا لاءِ هڪ تاريخي لمحو قرار ڏنو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر چيو ته فيبروري 2026ع ۾ شروع ٿيندڙ تڪرار خطي جي ماڻهن کي تمام گهڻن مُشڪلاتن …

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جو گرمجوشي سان آجيان ڪندي ان کي خطي ۽ دنيا لاءِ هڪ تاريخي لمحو قرار ڏنو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر چيو ته فيبروري 2026ع ۾ شروع ٿيندڙ تڪرار خطي جي ماڻهن کي تمام گهڻن مُشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ عالمي سطح تي توانائي جي فراهمي، واپار ۽ معاشي استحڪام کي سخت متاثر ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙو سانحو ٻيهر ڪڏهن به نه ٿيندو ۽ خطي جا ملڪ هاڻي پنهنجون توانائيون ترقي، خوشحالي ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ وقف ڪندا. صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي سندن اڻٿڪ سفارتي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو، جن ڌرين کي معاهدي تائين پهچڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سڄي بحران دوران هڪ اصولي، متوازن ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو ۽ مسلسل ڳالهين، تحمل ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏيندي سڀني ڌُرين سان رابطا برقرار رکيا. صدر آصف علي زرداري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، آيت الله سيد مجتبيٰ حسين خامنه اي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي قيادت کي به ساراهيو، جن تڪرار جي سفارتي حل کي يقيني بڻايو ۽ امن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪيو. صدر قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر سميت ڀائر ملڪن کانسواءِ روسي فيڊريشن ۽ چين  جي قيمتي مدد کي ساراهيو جن جي ڪوششن ۽ ڳالهين جي حوصلا افزائي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته هُو اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بڻائين ۽ مقرر مُدي اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ جي ڪوششن کي تيز ڪن ته جيئن پائيدار امن ۽ ترقي جي راهه هموار ٿي سگهي. صدر چيو ته هيرو اهي آهن جِن جنگ ختم ڪئي، نه وري اهي جيڪي جنگيون شروع ڪرڻ لاءِ آتا هُجن. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد ۽ پاڪستان جي نالي تي منصُوب هي مفاهمتي ياداشت خطي ۾ ڊهي مُدي واري ۽ جامع امن جو بنياد ثابت ٿيندي، جنهن سان ملڪ اقتصادي ترقي، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ پنهنجي عوام جي بهتري تي ڌيان ڏيئي سگهندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته جنگ تباهي ۽ مصيبت کانسواءِ ڪجهه به ناهي آڻيندي، امن ئي ترقي جو واحد رستو آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي جي سڀني ڀائر مُلڪن سان امن ۽ خوشحالي جي گڏيل سفر ۾ يڪجهتي سان بيٺو رهندو.