حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله شاهه راشديءَ اي ڊي آرٽس (حصو پھريون) جي سالياني امتحان 2024ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ڄاڻايل امتحان يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ڊسمبر 2025ع ۾ ورتا ويا هئا. سنڌ يونيورسٽي جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله شاهه راشدي پاران جاري ڪيل نتيجن موجب امتحان ۾ ڪل 11242 اميدوارن …
سنڌ يونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر پاران اي ڊي آرٽس حصو پھريون جي نتيجن جو اعلان

مزید خبریں
حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله شاهه راشديءَ اي ڊي آرٽس (حصو پھريون) جي سالياني امتحان 2024ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ڄاڻايل امتحان يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ڊسمبر 2025ع ۾ ورتا ويا هئا. سنڌ يونيورسٽي جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله شاهه راشدي پاران جاري ڪيل نتيجن موجب امتحان ۾ ڪل 11242 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 8326 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. اهڙي ريت مجموعي طور ڪاميابيءَ جو تناسب 74.06 سيڪڙو رهيو. ڪنٽرولر پاران فراھم ڪيل انگن اکرن موجب امتحان ۾ 487 اميدوار غير حاضر رهيا، جڏهن ته 1776 اميدوار ناڪام ٿيا. ان کان علاوه 406 اميدوارن جا نتيجا ڪنڊڪٽ برانچ سان لاڳاپيل معاملن سبب روڪيا ويا آهن. ساڳئي وقت 173 اميدوارن جا نتيجا رزلٽ پينڊنگ ڪيس (آر پي سي) هيٺ رکيا ويا آهن، جڏهن ته 74 اميدوارن کي الائوڊ ٽو پروسيڊ ڪيس (اي پي سي) واري ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.











