لاڙڪاڻو پوليس پاران مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي 7 ڏوهاري گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي 7 ڏوهاري گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ضلعي پوليس ترجمان پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ڏوڪري ٿاڻي جي پوليس وهڻي روڊ وٽ ڪاروائي ڪندي جوابدار شيراز شاهاڻي کي هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار ڪري …

لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي 7 ڏوهاري گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ضلعي پوليس ترجمان پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ڏوڪري ٿاڻي جي پوليس وهڻي روڊ وٽ ڪاروائي ڪندي جوابدار شيراز شاهاڻي کي هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي تازو قتل ٿي ويل چئن مقتولن جي قتل ڪيس ۾ ملوث 3 جوابدارن ممتاز مغيري، فياض مغيري ۽ عنايت مغيري کي ٽن پسٽلن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي اشتهاري جوابدار وزير عرف وزيرو ٻوسڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سيهڙ ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي اشتهاري جوابدار محرال لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي گٽڪي جي ڊيلر سجاد گوپانگ کي 560 گرام گٽڪي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدارن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں