ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي معاملن بابت اجلاس ٿي گذريو

حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي ) جي معاملن بابت هڪ اهم اجلاس اربع ڏينهن سندس آفيس شهباز بلدنگ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي شاهراهن جي رائيٽ آف وي جي ڪمرشل لائيزيشن، اين او سي جي جاري ڪرڻ، ساليانو ليز چارجز جي وصولي ۽ حددخلين جي خاتمي بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. …

حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي ) جي معاملن بابت هڪ اهم اجلاس اربع ڏينهن سندس آفيس شهباز بلدنگ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي شاهراهن جي رائيٽ آف وي جي ڪمرشل لائيزيشن، اين او سي جي جاري ڪرڻ، ساليانو ليز چارجز جي وصولي ۽ حددخلين جي خاتمي بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنرز کان علاوه ميمبر سائوٿ سنڌ عبدالطيف مهيسر، جنرل مينيجر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي عبيدالله عمراڻي، ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر اين ايڇ اي، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ٺٽو وڊيو لنڪ ذريعي شامل رهيا. اجلاس ۾ ضلعي مٽياري، حيدرآباد، ڄامشورو، ٺٽو ۽ دادو کان گذرندڙ قومي شاهراهن N-5/N-55/M6/M9 جي ڀرپاسي قائم هائوسنگ اسڪيمن، فلنگ اسٽيشنن، پيٽرول پمپس، هوٽلن، ريسٽورنٽس، فيڪٽرين، ملن، حيڪسو گرڊ اسٽيشنن ۽ اين ٽي ڊي سي ٽرانسميشن مرڪزن سميت ٻين ڪاروباري، رهائشي حددخلين ۽ رهائشي ترقياتي منصوبن کي ضابطي ۾ آڻڻ جي حوالي سان پڻ غور ويچارڪيو ويو. ڪمشنر، سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن ضلعن ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي اجلاس طلب ڪن، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي انتظامي معاونت فراهم ڪن ۽ اسٽيڪ هولڊرز ۽ اين ايڇ اي وچ ۾ گڏيل رابطن کي موثر بڻائين.

مزید خبریں