لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري طرفان جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن موجب لاڙڪاڻو پوليس جون روپوش ۽ گهربل جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. تفصيل مطابق ماھوٽا ٿاڻي جي حد ۾ سنڌ گرين واري علائقي ۾ مغيري برادريءَ جي چئن ڄڻن جي قتل واري ڪيس ۾ ملوث ۽ گهربل ٽي مک جوابدار ٽن پسٽلن سميت گرفتار ڪيا ويا. ياد رهي ته ان کان اڳ …
لاڙڪاڻو پوليس پاران قتل ڪيس ۾ گهربل 3 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري طرفان جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن موجب لاڙڪاڻو پوليس جون روپوش ۽ گهربل جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. تفصيل مطابق ماھوٽا ٿاڻي جي حد ۾ سنڌ گرين واري علائقي ۾ مغيري برادريءَ جي چئن ڄڻن جي قتل واري ڪيس ۾ ملوث ۽ گهربل ٽي مک جوابدار ٽن پسٽلن سميت گرفتار ڪيا ويا. ياد رهي ته ان کان اڳ ٽئي جوابدار عنايت مغيري کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کان جاچ دوران 30 بور پسٽل هٿ ڪيو ويو هو. گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن ممتاز مغيري، فياض مغيري ۽ عنايت مغيري کان غير قانوني هٿيار هٿ اچڻ تي سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. گرفتار جوابدارن کان جاچ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروائيون جاري آهن.











