ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏيندي سيڪيورٽي آرڊر جاري

لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏيندي سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي آرڊر موجب ضلعي اندر 159 ماتمي جلوسن ۽ 181 مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ لاڙڪاڻو پوليس جا 3300 کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان مقرر ڪيا ويندا، جن ۾ 200 عورت اهلڪار پڻ شامل آهن.. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل سيڪيورٽي …

لاڙڪاڻو- 17 جون (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏيندي سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي آرڊر موجب ضلعي اندر 159 ماتمي جلوسن ۽ 181 مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ لاڙڪاڻو پوليس جا 3300 کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان مقرر ڪيا ويندا، جن ۾ 200 عورت اهلڪار پڻ شامل آهن.. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل سيڪيورٽي آرڊر موجب محرم الحرام جي شروعات کان پڄاڻي تائين 08 ڊي ايس پيز، 14 انسپيڪٽر، 105 سب انسپيڪٽر، 395 ايس آءِ، 482 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 2306 ڪانسٽيبل مختلف امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن جي رستن تي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندا. جڏهن ته پاڪ فوج ۽ سنڌ رينجرز جا آفيسر ۽ جوان به پنهنجا فرض نڀائڻ لاءِ هر وقت موجود هوندا. سيڪيورٽي آرڊر موجب ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻو ۾ اينٽي رائيٽ ريزرو پلاٽونز کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي. مرڪزي ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۾ ايندڙ وڏين عمارتن تي ماهر سنائيپر جديد دوربين سميت ڊيوٽين تي مقرر هوندا. سموري صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ سول انتظاميا جو گڏيل ڪنٽرول روم قائم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. سڀني مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي سي سي ٽي وي ۽ وڊيو رڪارڊنگ کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو عارضي رهائشي ايڪٽ تحت لاڏائو ماڻهن، هوٽلن، مسافر خانن، ديرن ۽ اوطاقن تي ترسيل يا ٻاهران آيل مهمانن جي ويجهن ٿاڻن تي داخلا کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايس ايس پي لاڙڪاڻو لائوڊ اسپيڪر جو بيجا استعمال ختم ڪرائڻ، نفرت ڦهلائيندڙ وال چاڪنگ ۽ بينر هٽرائڻ سميت مذهبي اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ضلعي اندر 09 حساس مجلسن ۽ 09 حساس ماتمي جلوسن جي نگراني لاءِ لاڳاپيل ايس ڊي پي اوز کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري چيو ته سمورا اسٽيڪ هولڊر مذهبي رواداري کي قائم رکڻ ۽ ضابطا اخلاق تي عمل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ پوليس انتظاميا سان ڀرپور سهڪار ڪري ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏين.

مزید خبریں