سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان پاران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي آجيان

حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) سروري تنظيم جي چيئرمين، سروري سرهاڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي ڏانهن هڪ اهم ۽ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مخدوم سعيدالزمان چيو ته دنيا هن وقت جن چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ڏئي رهي آهي، انهن …

حيدرآباد- 17 جون (اي پي پي) سروري تنظيم جي چيئرمين، سروري سرهاڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي ڏانهن هڪ اهم ۽ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مخدوم سعيدالزمان چيو ته دنيا هن وقت جن چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ڏئي رهي آهي، انهن جو حل جنگين ۾ نه پر سفارتي ڳالهين، گڏيل اعتماد ۽ امن پسند روين ۾ موجود آهي. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل معاهدو نه رڳو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پر عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ پڻ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته هن اهم اڳڀرائي جو ڪريڊٽ وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بهترين حڪمت عملي واري قيادت، ڏور رس پاليسين ۽ امن لاءِ ڪيل مسلسل ڪوششن ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته قومي قيادت جي سنجيده سفارتي ۽ امن دوست حڪمت عملين عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن قيادت ۾ پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ ذميواراڻو ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عالمي امن لاءِ ڪيل هر مثبت ڪوشش انسانيت جي خدمت جي مترادف آهي ۽ اهڙن قدمن کي هميشه ساراهيو وڃڻ گهرجي. 

مزید خبریں