APP64-210121 ISLAMABAD: January 21 - A delegation of Ulema and Mashaikh called on Prime Minister Imran Khan. Federal Minister for Religious Affairs Pir Noor ul Haq Qadri also attended the meeting. APP

اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي حوالي سان وڏن عالمن جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عالمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ته جيئن ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ عالمن جي مشاورت ۽ رهنمائي جاري رهي، مسلمان امت ۾ فرق ۽ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ناپاڪ سازشن جو مقابلو ڪرڻ جي ڏس ۾ عالم سڳورن جي مسلسل تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عالم سڳورن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.