هلندڙ سال دوران ڊبل ڊيڪر ۽ جديد اليڪٽرڪ (اي وي) بسن جو وڏو تعداد ڪراچي پهچندو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-16 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي شهرين لاءِ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال دوران ڊبل ڊيڪر ۽ جديد اليڪٽرڪ (اي وي) بسن جو وڏو تعداد ڪراچي پهچندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊبل ڊيڪر ۽ جديد اي وي بسون مرحليوار شهر جي مختلف روٽن تي هلايون وينديون، جنهن سان شهري ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۾ نمايان …

ڪراچي-16 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي شهرين لاءِ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال دوران ڊبل ڊيڪر ۽ جديد اليڪٽرڪ (اي وي) بسن جو وڏو تعداد ڪراچي پهچندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊبل ڊيڪر ۽ جديد اي وي بسون مرحليوار شهر جي مختلف روٽن تي هلايون وينديون، جنهن سان شهري ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۾ نمايان بهتري ايندي. شرجيل انعام ميمڻ موجب سنڌ حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ نظام کي جديد ترين بڻائڻ جي ويزن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز بس سروس جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي اي وي بسن ۽ ڊبل ڊيڪر بسن جو وڏو تعداد فليٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، جنهن سان شهرين کي وڌيڪ آرامده، محفوظ ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ٿينديون. سينيئر وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جا منصوبا رڳو ٽرانسپورٽ تائين محدود ناهن، پر اهي ڪراچي جي روشن مستقبل جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اي وي بسون ماحول دوست هجڻ سان گڏ گهٽ خرچ ۽ آرامده سفر جي سهولت فراهم ڪنديون. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون شهر جي خوبصورتي ۽ ٽرانسپورٽ ڪلچر کي نئين سڃاڻپ ڏينديون. هن زور ڀريو ته سنڌ حڪومت جو هي قدم رڳو بسن جي تعداد ۾ اضافو نه، پر جديد ۽ ترقي يافته ڪراچي ڏانهن هڪ نئين سفر جي شروعات آهي.