حيدرآباد-16 جون (اي پي پي) حيدرآباد جي علائقي سيري اسٽاپ ڀرسان ڦليلي واهه ۾ عورت ۽ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق حيدرآباد جي علائقي سيري اسٽاپ ويجهو ڦليلي واهه ۾ 20 ورهين جو جئه رام ۽ هڪ نوجوان ناري ٻڏي ويا، جنهن جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪيو ۽ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ ڪري ورتو، جڏهن …
حيدرآباد ۾ سيري اسٽاپ ويجهو ڦليلي واهه ۾ نوجوان ٻڏي فوت

مزید خبریں
حيدرآباد-16 جون (اي پي پي) حيدرآباد جي علائقي سيري اسٽاپ ڀرسان ڦليلي واهه ۾ عورت ۽ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق حيدرآباد جي علائقي سيري اسٽاپ ويجهو ڦليلي واهه ۾ 20 ورهين جو جئه رام ۽ هڪ نوجوان ناري ٻڏي ويا، جنهن جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪيو ۽ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته ناري جو لاش هٿ نه اچي سگهيو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. ريسڪيو ترجمان موجب واقعي جو ڪارڻ فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيو آهي.











