لاڙڪاڻو پوليس پاران مقابلي کانپوءِ هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار، ھٿيار هٿ

لاڙڪاڻو-16 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي کانپوءِ هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رتوديرو ٿاڻي جي حد حيدر چانڊيو لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران لاڙڪاڻو پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو پوليس هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل جي سڃاڻپ وسيم عرف …

لاڙڪاڻو-16 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي کانپوءِ هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رتوديرو ٿاڻي جي حد حيدر چانڊيو لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران لاڙڪاڻو پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو پوليس هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل جي سڃاڻپ وسيم عرف ارسلان جتوئي طور ٿي آهي. شروعاتي جاچ موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري سنگين قسم جي ڏوھن/ ڪيسن ۾ گھربل هو. مقابلي دوران ڀڄي ويل ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.