مخدوم بلاول رح جي شهادت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت، حق جي سربلندي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جي لازوال داستان آهي: صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه

ڪراچي-16 جون (اي پي پي) ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه شھيد مخدوم بلاول رح جي 519هين يومِ شهادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مخدوم بلاول رح جي شهادت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت، حق جي سربلندي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جي لازوال داستان آهي. هن چيو ته شھيد مخدوم بلاول حق، بهادري ۽ قرباني جي اهڙي علامت آهن، جن …

ڪراچي-16 جون (اي پي پي) ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه شھيد مخدوم بلاول رح جي 519هين يومِ شهادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مخدوم بلاول رح جي شهادت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت، حق جي سربلندي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جي لازوال داستان آهي. هن چيو ته شھيد مخدوم بلاول حق، بهادري ۽ قرباني جي اهڙي علامت آهن، جن جو نالو سنڌ جي اجتماعي شعور ۽ تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو. سندس ڏنل قرباني حريت، استقامت ۽ حق جو اهڙو روشن باب آهي، جيڪو اڄ به سنڌ واسين لاءِ فخر جو سبب آهي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته مخدوم بلاول سچائي، انصاف ۽ عوامي وقار جي حفاظت خاطر جيڪا عظيم قرباني ڏني، اها سنڌ جي روح ۾ اڄ به زنده آهي. سندس فلسفي مان اهو سبق ملي ٿو ته سچ ۽ اصولن تي قائم رهڻ ئي حقيقي ڪاميابي ۽ عزت جو رستو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شھيد مخدوم بلاول رح پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي سمجهوتو ڪرڻ بدران ظالمن کي للڪاريو ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويا. هن پنهنجي رت سان حق، آزاديءِ فڪر ۽ انساني وقار جي اهڙي داستان لکي، جيڪا رهندي دنيا تائين ماڻهن کي همت، حوصلي ۽ سچائي جو پيغام ڏيندي رهندي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته سنڌ جي ڌرتي پنهنجي هن عظيم فرزند تي هميشه فخر ڪندي رهندي، جنهن حق ۽ صداقت جي راهه ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري امرتا ماڻي.

مزید خبریں