ڪراچي - 16 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سنڌ جي پاڻي، تعليمي ۽ زرعي معاملن جي ماهر، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي سندس علمي، سماجي ۽ پيشيوراڻين خدمتن جي مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي وئي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيل تقريب دوران سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سنڌ جي ناليواري پاڻي ۽ تعليمي ماهر پروفيسر، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر علمي، سماجي …
سنڌ جي گورنر پاران سنڌ جي پاڻي، تعليمي ۽ زرعي معاملن جي ماهر، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي مڃتا طور شيلڊ پيش
ڪراچي – 16 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سنڌ جي پاڻي، تعليمي ۽ زرعي معاملن جي ماهر، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر کي سندس علمي، سماجي ۽ پيشيوراڻين خدمتن جي مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي وئي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيل تقريب دوران سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سنڌ جي ناليواري پاڻي ۽ تعليمي ماهر پروفيسر، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر علمي، سماجي ۽ پيشاوراڻين خدمتن جي مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي مقررن ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر جي نمايان ڪارڪردگي، سماجي خدمتن ۽ مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت سان نه رڳو پنهنجي اداري پر سماج ۾ به مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هُن هر وقت سماجي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي ۽ انهن ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر کي شيلڊ ملڻ تي مبارڪون پيش ڪندي سندس خدمتن کي ساراهيندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر منتظمين جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙي عزت افزائي کيس وڌيڪ ذميواري سان سماجي ۽ پيشيوراڻيُون خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ اتساهه فراهم ڪندي، هِن چيو ته ماڻهُوءَ کي زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ملڻ سندس لاءِ سڀ کان وڏي اعزاز جي ڳالهه هُوندي آهي۽ هيءَ مڃتا منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي اعزاز جي حيثيت رکي ٿي.












