ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي اڳڀرائي علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ مثبت قدم آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي جمهوريه ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هاڻوڪي سفارتي اڳڀرائي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسلسل ڳالهيون ۽ مثبت رابطا خطي م امن، عالمي استحڪام ۽ اقتصادي خوشحالي کي هٿي وٺائڻ جو سبب بڻجنديون. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته موجوده عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۾ سفارتي تڪرار جي …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي جمهوريه ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هاڻوڪي سفارتي اڳڀرائي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسلسل ڳالهيون ۽ مثبت رابطا خطي م امن، عالمي استحڪام ۽ اقتصادي خوشحالي کي هٿي وٺائڻ جو سبب بڻجنديون. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته موجوده عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۾ سفارتي تڪرار جي حل ۽ جٽادار امن جي قيام جو سڀ کان موثر ۽ پائيدار ذريعو آهي. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ بامقصد ڳالهيون ۽ مثبت اڳڀرائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، اعتماد سازي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.  سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هميشه ان موقف جو حامي رهيو آهي ته سمورن تڪرارن کي ڳالهين، گڏيل احترام ۽ عالمي قانون جي پاسداري ۽ پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڇڪتاڻ بدران سفارتي رابطن، علائقائي استحڪام ۽ گڏيل امن جي بقا ۽ عالمي تعاون جي حمايت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين عالمي امن ۽ عالمي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق جي قيادت ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج  خاص ڪري چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حڪمت عميل ۽ دورانديشي تحت پاڪستان متوازن، اصولي ۽ ذميوار پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي جنهن جو محور علائقائي استحڪام، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ گڏيل تعاون آهي. سينيٽ چيئرمين سفارتي حل ۽ اعتماد سازي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ سڀني ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته دانشمندي، تحمل ۽ سياسي بصيرت ذريعي ويڇن کي  تعميري ڳالهين ۽ گڏيل افهام تفهيم سان حل ڪيو ويندو. هن پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن، ڳالهين، گهڻ رخي تعاون ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هر مخلصاڻي ڪوشش جي حمايت  جاري رکندو ته جيئن هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال عالمي ماحل جي جوڙجڪ ممڪن ٿي سگهي.

مزید خبریں